لاهور _ 14 سيٽمبر (اي پي پي ) پاڪستان انڊر 19 قومي ٽيم جي بيٽسمين انگلينڊ جي دوري دوران ٻي ون ڊي ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ عبدالقادر چيو آهي ته مشڪل وڪيٽ تي وڏي اننگز کيڏڻ جي تياري پهريان کان ئي ڪري ڇڏي هئي . پي سي بي ڊجيٽل سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ٽيم مينيجمينٽ اهڙين وڪيٽن تي ڀرپور پريڪٽس ڪرائي جنهن جو فائدو ميچ ۾ ٿيو . عبدالقادر جو چوڻ هو ته ڪوشش …
مشڪل وڪيٽ تي وڏي اننگ کيڏڻ جي تياري اڳ کان ئي ڪري ڇڏي هئي: عبدالقادر
لاهور _ 14 سيٽمبر (اي پي پي ) پاڪستان انڊر 19 قومي ٽيم جي بيٽسمين انگلينڊ جي دوري دوران ٻي ون ڊي ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ عبدالقادر چيو آهي ته مشڪل وڪيٽ تي وڏي اننگز کيڏڻ جي تياري پهريان کان ئي ڪري ڇڏي هئي . پي سي بي ڊجيٽل سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ٽيم مينيجمينٽ اهڙين وڪيٽن تي ڀرپور پريڪٽس ڪرائي جنهن جو فائدو ميچ ۾ ٿيو . عبدالقادر جو چوڻ هو ته ڪوشش هئي ته نيچرل گيم پلان مطابق بيٽنگ ڪيان ، ايندڙ ميچن ۾ به 100 سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندس . مقصد اهڙي ڪارڪرگدگي ڏيکارڻ آهي جنهن سان پاڪستان انڊر 19 ٽيم کي ڪاميابي حاصل ٿئي . پاڪستان انڊر 19 ٻي ون ڊي ۾ انگلينڊ جي انڊر – 19 ٽيم کي 122 رنسن تان شڪست ڏئي 4 ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 2-0 جي برتري حاصل ڪري ورتي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽين ون ڊي 14 سيپٽمبر تي کيڏي ويندي.










