اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي)ڏکڻ ڪوريا ۾ جاري پريڪٽس سيريز جي ٻي ميچ ۾ پاڪستان قومي هاڪي ٽيم شاندار راند جو مظاهرو ڪندي ميزبان ڏکڻ ڪوريا کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 4-3 تان شڪست ڏئي ڇڏي. ميچ دوران ٻنهي ٽيمن جارحاڻي راند پيش ڪئي جڏهن ته قومي رانديگرن اهم موقعن تي بهترين حڪمت عملي اختيار ڪندي ڪاميابي حاصل ڪئي. پاڪستان طرفان عماد شڪيل بٽ، ابوبڪر محمود، احمد نديم ۽ رانا …
پاڪستان قومي هاڪي ٽيم پاران شاندار راند جو مظاهرو، ميزبان ڏکڻ ڪوريا کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 4-3 تان شڪست
اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي)ڏکڻ ڪوريا ۾ جاري پريڪٽس سيريز جي ٻي ميچ ۾ پاڪستان قومي هاڪي ٽيم شاندار راند جو مظاهرو ڪندي ميزبان ڏکڻ ڪوريا کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ 4-3 تان شڪست ڏئي ڇڏي. ميچ دوران ٻنهي ٽيمن جارحاڻي راند پيش ڪئي جڏهن ته قومي رانديگرن اهم موقعن تي بهترين حڪمت عملي اختيار ڪندي ڪاميابي حاصل ڪئي. پاڪستان طرفان عماد شڪيل بٽ، ابوبڪر محمود، احمد نديم ۽ رانا وحيد اشرف بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندي هڪ هڪ گول اسڪور ڪيو. ايشين گيمز جي تيارين جي سلسلي ۾ کيڏيل هن ميچ ۾ پاڪستان جي فارورڊ ۽ ڊفينس لائن جي هم آهنگي نمايان رهي، قومي ٽيم جي ڪوچنگ اسٽاف رانديگرن جي ڊسپيلين اٽيڪنگ راند کي ڏسندي اميد ظاهر ڪئي ته سيريز جي باقي ميچن ۾ به اهو فتح جو سلسلو برقرار رهندو.












