پاڪستان انڊر 19 ٽيم پهرين ون ڊي ۾ انگلينڊ کي شڪست ڏئي سيريز ۾ برتري حاصل ڪري ورتي

لاهور-11 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان انڊر 19 ٽيم انگلينڊ جي دوري جي پهرين ون ڊي ۾ انگلينڊ انڊر 19 کي 177 رنسن تان شڪست ڏئي چئن ميچن جي سيريز ۾ برتري حاصل ڪري ورتي. ميچ ۾ سنچريون اسڪور ڪندڙ فرحان يوسف ۽ عثمان خان پي سي بي ڊجيٽل سان ڳالهائيندي ڪاميابي کي ٽيم جي محنت ۽ مشڪل ڪنڊيشنز لاءِ تياري جو نتيجو قرار ڏنو. عثمان خان چيو ته شروعاتي …

لاهور-11 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان انڊر 19 ٽيم انگلينڊ جي دوري جي پهرين ون ڊي ۾ انگلينڊ انڊر 19 کي 177 رنسن تان شڪست ڏئي چئن ميچن جي سيريز ۾ برتري حاصل ڪري ورتي. ميچ ۾ سنچريون اسڪور ڪندڙ فرحان يوسف ۽ عثمان خان پي سي بي ڊجيٽل سان ڳالهائيندي ڪاميابي کي ٽيم جي محنت ۽ مشڪل ڪنڊيشنز لاءِ تياري جو نتيجو قرار ڏنو. عثمان خان چيو ته شروعاتي ٻه وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ بيٽنگ مشڪل ٿي وئي هئي، ان لاءِ اسان جو منصوبو شروعاتي اوورز ۾ وقت وٺي کيڏڻ هو، انگلينڊ جي ڪنڊيشنز پاڪستان کان مختلف آهن، مشڪل حالتن لاءِ پاڪستان ۾ ڀرپور تياري ڪئي هئي. هن چيو ته باقي ٽن ميچن ۾ به سٺي ڪارڪردگي جو سلسلو جاري رکڻ چاهيون ٿا ۽ پاڪستان لاءِ وڌيڪ ميچز کٽڻ جي ڪوشش ڪنداسين. پاڪستان ۽ انگلينڊ انڊر 19 وچ ۾ ٻي ون ڊي 12 سيپٽبمر تي گلڊ فورڊ ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته سيريز جي ٽئين ميچ 14 سيپٽمبر ۽ آخري ميچ 16 سيپٽمبر تي شيڊول آهي.