لاڙڪاڻو - 10 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير محمد بخش مھر جي ھدايتن تحت يوم دفاع پاڪستان جي حوالي سان گذريل ڏينهن محمد ايوب کهڙو اسپورٽس ڪامپليڪس لاڙڪاڻي ۾ سنڌ هاڪي ڪلب لاڙڪاڻو ۽ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيو. ان مقابلي جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻو هاڪي ڪلب 2 گولن جي مقابلي ۾ 3 گولن تان برتري حاصل ڪئي. ان مقابلي جو خاص مهمان ايم اين اي خورشيد …
پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي حوالي سان لاڙڪاڻي ۾ سنڌ هاڪي ڪلب لاڙڪاڻو ۽ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو
لاڙڪاڻو – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير محمد بخش مھر جي ھدايتن تحت يوم دفاع پاڪستان جي حوالي سان گذريل ڏينهن محمد ايوب کهڙو اسپورٽس ڪامپليڪس لاڙڪاڻي ۾ سنڌ هاڪي ڪلب لاڙڪاڻو ۽ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيو. ان مقابلي جي نتيجي ۾ لاڙڪاڻو هاڪي ڪلب 2 گولن جي مقابلي ۾ 3 گولن تان برتري حاصل ڪئي. ان مقابلي جو خاص مهمان ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، چيئرمين ضلع ڪائونسل لاڙڪاڻو اعجاز احمد لغاري، وائيس چيئرمين ضلع ڪائونسل لاڙڪاڻو اسد الله ڀٽو، ڊسٽرڪٽ اٽارني لاڙڪاڻو عبدالنبي ساريو، ڊائريڪٽر سيڪنڊري اسڪول الله بخش سومرو ۽ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر محمد محفوظ هئا. ان موقعي تي ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ڇاڪاڻ ته اسان هن گرائونڊ جي هاڪي جي ميچن لاءِ چونڊ ڪئي هئي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت راندين جي واڌاري لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن سنڌ جا نوجوان اڳتي اچن ۽ پنهنجي بهترين صلاحيتن جو مظاهرو ڪن. هن چيو ته مان پاڻ هاڪي جي راند جو رانديگر رهيو آهيان ۽ ضلعي ڪائونسل چيئرمين اعجاز احمد لغاري اها پڻ ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيئن لاڙڪاڻي شهر توڙي ضلعي اندر راندين ذريعي نوجوانن کي صحتمند سرگرميون ملي سگهن. هن چيو ته اوهان جا جيڪي مسئلا آهن مان ڀرپور ڪوشش ڪندم ته جيئن اهي حل ڪيا وڃن. ان موقعي تي چيئرمين ضلعه ڪائونسل لاڙڪاڻو، ڊسٽرڪٽ آفيسر اسپورٽس محمد محفوظ ڳالهائيندي چيو ته لاڙڪاڻو اسپورٽس بورڊ بهترين ڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن نوجوانن ۾ راندين جو شوق ۽ جذبو پيدا ٿي سگهي ته جيئن هتان جا نوجوان پنهنجي بهترين صلاحيتن جو مظاهرو ڪري ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪن.آخر ۾ هاڪي راند ۾ حصو وٺندڙ هاڪي ڪلب لاڙڪاڻو کي ونر اپ ۽ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو کي رنر اپ ٽرافي سان گڏ انعام پڻ ڏنا ويا. ان کان اڳ معزز مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ، ٽوپيون ۽ گلن جا هار پڻ پارايا ويا ۽ ٻنهي ٽيمن سان تعارف پڻ ڪرايو ويو. تقريب کان اڳ قومي ترانو وڄايو ويو ۽ حاضرين پاران پاڪستان زنده باد ۽ پاڪ فوج زنده باد جا نعرا پڻ لڳايا ويا.












