ويمنز جونيئر ايشيا ڪپ 2026 ع  ۾ پاڪستان ۽ قازقستان جي هاڪي ٽيمن وچ ۾ ميچ 1- 1 گول تان برابر

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي)ويمنز جونيئر ايشيا ڪپ 2026ع جي چئلينجز  پول ۾ پاڪستان ۽ قازقستان جي ويمن هاڪي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلي کان پوءِ ميچ 1-1 گول تان برابر رهي. ميچ جي شروعات انتهائي جارحاڻي انداز ۾ ٿي، قازقستان جي ٽيم 0-1 جي برتري حاصل ڪئي. قازقستان جي ٽيم جي امان گيلدي زانسايا ميچ جي 15هين منٽ ۾ شاندار گول ڪري پنهنجي ٽيم کي 0-1 جي برتري …

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي)ويمنز جونيئر ايشيا ڪپ 2026ع جي چئلينجز  پول ۾ پاڪستان ۽ قازقستان جي ويمن هاڪي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلي کان پوءِ ميچ 1-1 گول تان برابر رهي. ميچ جي شروعات انتهائي جارحاڻي انداز ۾ ٿي، قازقستان جي ٽيم 0-1 جي برتري حاصل ڪئي. قازقستان جي ٽيم جي امان گيلدي زانسايا ميچ جي 15هين منٽ ۾ شاندار گول ڪري پنهنجي ٽيم کي 0-1 جي برتري ڏياري جنهن کان پوءِ پاڪستان جي ٽيم ڪم بيڪ ڪندي شاندار راند جو مظاهرو ڪيو. ميچ جي چوٿين ڪوارٽر ۾ 55 هين منٽ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان شارقه سرور گول ڪري اسڪور 1-1 تان برابر ڪيو. ميچ جي آخري منٽ تائين ٻنهي ٽيمن ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي جڏهن ته مقرر وقت ختم ٿيڻ تائين ميچ 1-1 تان برابر رهي.