پي سي بي ٽيلينٽ هنٽ پروگرام فار اسڪولز تحت سڄي ملڪ ۾ ٽريننگ ڪمپس ۽ ڪوچنگ ڪلينڪس جو سلسلو جاري

لاهور-09 سيپٽمبر(اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي ٽيلينٽ هنٽ پروگرام فار اسڪولز سال27-2026ع تحت سڄي ملڪ ۾ ٽريننگ ڪمپس ۽ ڪوچنگ ڪلينڪس جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته 1400 اسڪولن جون ڪرڪيٽ ٽيمون ٽورنامينٽ جي ٻئي ايڊيشن جي تيارين ۾ مصروف آهن. ان سلسلي ۾ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ ٻي ڪوچنگ ڪلينڪ منعقد ڪئي وئي جتي اسٽارز اسڪول ٽيم ٽن ڪلاڪن جي نيٽ سيشن ۾ …

لاهور-09 سيپٽمبر(اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي ٽيلينٽ هنٽ پروگرام فار اسڪولز سال27-2026ع تحت سڄي ملڪ ۾ ٽريننگ ڪمپس ۽ ڪوچنگ ڪلينڪس جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته 1400 اسڪولن جون ڪرڪيٽ ٽيمون ٽورنامينٽ جي ٻئي ايڊيشن جي تيارين ۾ مصروف آهن. ان سلسلي ۾ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ ٻي ڪوچنگ ڪلينڪ منعقد ڪئي وئي جتي اسٽارز اسڪول ٽيم ٽن ڪلاڪن جي نيٽ سيشن ۾ حصو ورتو. ڪلينڪ ۾ قومي ڪرڪيٽر شاهين شاهه آفريدي، محمد نواز ۽ حارث رئوف خاص طور تي شرڪت ڪئي ۽ اتي موجود رانديگرن کي مختلف ٽيڪنيڪ جي حوالي سان سکيا ڏني. اسڪول ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن ڪوچنگ ڪلينڪ ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ قومي رانديگرن کان سکيا حاصل ڪئي.  واضع رهي ته ٽيلينٽ هنٽ پروگرام فار اسڪولز سال27-2026ع جي ٻئي ايڊيشن جي شروعات 19 سيپٽمبر تي ٿيندي.