نيويارڪ-09 سيپٽمبر (اي پي پي) بيلاروس جي مشهور ٽينس اسٽار، ميگاايونٽ جي دفاعي چيمپئين ۽ ٽاپ سيڊڊ آرياناسبالينڪا پنهنجي ڪاميابين جو سلسلو جاري رکندي يو ايس اوپن وومينز سنگلز جي مقابلن جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي جڏهن ته جمهوريا چيڪ جي لنڊا نوسڪووا جو وومين سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ ئي سفر ختم ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب هلندڙ سال جي آخري گرينڊ سلام يو ايس …
ٽاپ سيڊڊ آريانا سبالينڪا يو ايس اوپن ويمنز سنگلز جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي
نيويارڪ-09 سيپٽمبر (اي پي پي) بيلاروس جي مشهور ٽينس اسٽار، ميگاايونٽ جي دفاعي چيمپئين ۽ ٽاپ سيڊڊ آرياناسبالينڪا پنهنجي ڪاميابين جو سلسلو جاري رکندي يو ايس اوپن وومينز سنگلز جي مقابلن جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي جڏهن ته جمهوريا چيڪ جي لنڊا نوسڪووا جو وومين سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ ئي سفر ختم ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب هلندڙ سال جي آخري گرينڊ سلام يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جا دلچسپ مقابلا آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ جاري آهن جنهن ۾ مداحن کي سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. آرٿر ايش اسٽيڊيم ۾ کيڏيل وومينز سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ 28 سالن جي بيلاروس جي مشهور ٽينس اسٽار، ميگا ايونٽ جي دفاعي چيمپئين ۽ ٽاپ سيڊڊ آريانا سبالينڪا سخت مقابلي کان پوءِ 21 سالن جي جمهوريه چيڪ جي لنڊا نوسڪووا کي 7-6 (7-1)،3-6 اور 7-6 (10-7) تان هارائي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. يو ايس اوپن جي ايونٽ ۾ اها سندس لڳاتار 19هين ڪاميابي آهي جڏهن ته هو 2016ع ۾ سيرينا وليمز کانپوءِ فلشنگ ميڊوز ۾ لڳاتار ڇهين سيمي فائنل تائين پهچندڙ پهرين عورت رانديگر به بڻجي وئي آهي. سيمي فائنل ۾ سندس مقابلو آمريڪا جي جيسيڪا پيگولايا ايماناوارو مان ڪنهن هڪ سان ٿيندو جنهن ۾ ڪاميابي جي صورت ۾ هوءَ لڳاتار چوٿين يو ايس اوپن جي فائنل ۾ قدم رکندي.












