پاڪستان جي قومي هاڪي ٽيم جمهوريه ڪوريا روانو ٿي وئي

لاهور- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي قومي هاڪي ٽيم ڇنڇر تي جمهوريه ڪوريا لاءِ روانو ٿي وئي. پاڪستان هاڪي فيڊريشن موجب ايف آءِ ايڇ ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ اعلان ڪيل قومي سينيئر هاڪي ٽيم جو اسڪواڊ ڪوريا جو دورو ڪندو ۽ اهو ئي اسڪواڊ ان کان پوءِ ايشين گيمز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو، ان حوالي سان سليڪشن ڪميٽي قومي اسڪواڊ ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي نه ڪئي …

لاهور- 05 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي قومي هاڪي ٽيم ڇنڇر تي جمهوريه ڪوريا لاءِ روانو ٿي وئي. پاڪستان هاڪي فيڊريشن موجب ايف آءِ ايڇ ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ اعلان ڪيل قومي سينيئر هاڪي ٽيم جو اسڪواڊ ڪوريا جو دورو ڪندو ۽ اهو ئي اسڪواڊ ان کان پوءِ ايشين گيمز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو، ان حوالي سان سليڪشن ڪميٽي قومي اسڪواڊ ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي نه ڪئي آهي. هاڪي ايسوسيئيشن پاران قومي سينيئر هاڪي ٽيم جي پري ايشين گيمز ٽريننگ ڪيمپ ۽ پريڪٽس ميچ جا شيڊول جاري ڪيا ويا آهن. قومي ٽيم 6 کان 14 سيپٽمبر تائين جمهوريه ڪوريا جو دورو ڪندي جتي ايشين گيمز جي تيارين جي سلسلي ۾ قومي ٽيم ڪوريا جي هاڪي ٽيم سان ٽريننگ سيشنز ۽ ٽن پريڪٽس ميچن ۾ حصو وٺندي. شيڊول موجب پاڪستان جي قومي ٽيم 7 سيپٽمبر تي ڪوريا جي ٽيم سان جوائنٽ ٽريننگ سيشن ۾ حصو وٺندي. 8 سيپٽمبر تي پهرين ميچ کيڏي ويندي، جڏهن ته 9 ۽ 10 سيپٽمبر تي گڏيل ٽريننگ سيشنز ٿيندا ۽ 11 سيپٽمبر تي ٻي پريڪٽس ميچ کيڏي ويندي، 13 سيپٽمبر تي پاڪستان ۽ ڪوريا وچ ۾ ٽئين پريڪٽس ميچ کيڏي ويندي جنهن کانپوءِ قومي ٽيم 14 سيپٽمبر تي ڪوريا مان واپس وطن رواني ٿيندي. واضع رهي ته ايف ايڇ آءِ ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ قومي اسڪواڊ جوڙيو ويو هو، اسڪواڊ سيريز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو ۽ بعد ۾ اها ئي ٽيم ايشين گيمز ۾ پڻ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي، سليڪشن ڪميٽي پاران اسڪواڊ ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه ڪئي وئي آهي.