نيويارڪ - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي فٽبال جي گورننگ باڊي فيفا يورپي فٽبال جي تنظيم يوئيفا تي صدر جياني انفينٽينو ۽ فيفا قيادت خلاف ڪردار ڪشي مهم هلائڻ جو الزام لڳايو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو تڪرار جياني انفينٽينو جي ان تڪراري منصوبي بابت آهي جنهن تحت ورلڊڪپ جي واپاري حقن ۾ نجي سيڙپڪارن کي حصو ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي هئي. يوئيفا گذريل هفتي آمريڪا جي …
فيفا پاران يوئيفا تي وڏو الزام، جياني انفينٽينو خلاف منظم مهم جي دعويٰ
نيويارڪ – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي فٽبال جي گورننگ باڊي فيفا يورپي فٽبال جي تنظيم يوئيفا تي صدر جياني انفينٽينو ۽ فيفا قيادت خلاف ڪردار ڪشي مهم هلائڻ جو الزام لڳايو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو تڪرار جياني انفينٽينو جي ان تڪراري منصوبي بابت آهي جنهن تحت ورلڊڪپ جي واپاري حقن ۾ نجي سيڙپڪارن کي حصو ڏيڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي هئي. يوئيفا گذريل هفتي آمريڪا جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪندي فيفا بابت دستاويز ۽ شاهديون طلب ڪيون هيون ته جيئن سوئٽزرلينڊ ۾ امڪاني فوجداري ڪارروائي لاءِ انهن کي استعمال ڪري سگهجي. يوئيفا جياني انفينٽينو تي ”فوجداري بدانتظامي“ جو الزام لڳائيندي دعويٰ ڪئي ته ورلڊڪپ جي ماليت اٽڪل 15 ارب پائونڊ رکي وئي، جيڪا ڪنهن کليل چٽاڀيتي جي عمل يا آزاد ماهر پاران جائزي کان سواءِ طئي ڪئي وئي هئي. فيفا آمريڪي عدالت ۾ جمع ڪرايل دستاويزن ۾ يوئيفا جي موقف کي قانوني خامين جو شڪار قرار ڏيندي چيو ته فٽبال جي يورپي تنظيم اهڙي پرڏيهي فوجداري ڪيس لاءِ شاهديون حاصل ڪرڻ چاهي ٿي جيڪو اڃان موجود ئي ناهي. فيفا مطابق ”فيفا فار ورڊ انٽرپرائز“ منصوبو رڳو هڪ تجويز هئي ۽ ان تي عمل لاءِ فيفا جي ميمبر تنظيمن جي حمايت ۽ فيفا ڪائونسل جي منظوري ضروري هئي. فيفا الزام لڳايو ته يوئيفا ان جمهوري عمل ۾ حصو وٺڻ بدران جياني انفينٽينو ۽ فيفا قيادت خلاف مهم شروع ڪري ڇڏي. فيفا ۽ يوئيفا وچ ۾ وڌندڙ تڪرار هاڻي جياني انفينٽينو جي قيادت لاءِ به هڪ وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي، جنهن کي 3 فيڊريشنز پاران عهدو ڇڏڻ جي مطالبن کي منهن ڏيڻو پيو آهي.












