ڪينبرا - 04 سيپٽمبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ٽينس انٽيگرٽي ايجنسي (آءِ ٽي آءِ اي) آسٽريلوي ٽينس اسٽار نڪ ڪرگريوس تي ڪوڪين جو ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد ٽن مهينن جي پابندي کي گهٽائي هڪ مهينو ڪئي وئي، هاڻي هو ٻيهر ٽينس کيڏڻ جو اهل آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 31 سالن جي نڪ ڪرگيوس تي لڳايل پابندي 3 سيپٽمبر تي ختم ٿي وئي آهي. انٽرنيشنل ٽينس انٽيگريٽي ايجنسي مطابق نڪ ڪرگيوس …
آءِ ٽي آءِ اي پاران ڪوڪين جي ٽيسٽ مثبت اچڻ سبب آسٽريلوي ٽينس اسٽار نڪ ڪرگيوس تي لڳايل ٽن مهينن جي پابندي گهٽائي هڪ مهينو ڪرڻ جو اعلان
ڪينبرا – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ٽينس انٽيگرٽي ايجنسي (آءِ ٽي آءِ اي) آسٽريلوي ٽينس اسٽار نڪ ڪرگريوس تي ڪوڪين جو ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد ٽن مهينن جي پابندي کي گهٽائي هڪ مهينو ڪئي وئي، هاڻي هو ٻيهر ٽينس کيڏڻ جو اهل آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق 31 سالن جي نڪ ڪرگيوس تي لڳايل پابندي 3 سيپٽمبر تي ختم ٿي وئي آهي. انٽرنيشنل ٽينس انٽيگريٽي ايجنسي مطابق نڪ ڪرگيوس جون مهيني ۾ جمع ڪرايل نموني ۾ ڪوڪين جي جزن جي موجودگي جي تصديق بعد جاچ دوران ٻڌايو ته هن 20 جون تي صبح جو مالاگوف جي هڪ نائٽ ڪلب ۾ ڪوڪين استعمال ڪيو هو. هن ٻن ڏينهن کانپوءِ مالورڪا اوپن ۾ پنهنجي ميچ کيڏي، جتي کيس هم وطن ايڊم والٽن مسلسل 2 سيٽس ۾ شڪست ڏني. ماهرن سان مشاورت بعد اختيارين تسليم ڪيو ته ڪوڪين جو استعمال مقابلي کان ٻاهر ڪيو ويو هو. نڪ ڪرگيوس کي وڌ کان وڌ 3 مهينن جي پابندي کي منهن ڏيڻو پيو هو، پر علاج جي پروگرام ۾ شامل ٿيڻ سبب سزا گهٽائي هڪ مهينو ڪئي وئي. کيس 6570 يورو جي انعامي رقم کان به محروم ٿيڻو پوندو.












