برازيل پاران نومبر ۾ جاپان ۽ سنگاپور خلاف دوستاڻيون فٽبال ميچون کيڏڻ جو اعلان

ريوڊي جنيرو - 04 سيپٽمبر(اي پي پي)برازيل جي فٽبال فيڊريشن (سي بي ايف) اعلان ڪيو آهي ته 5 ڀيرا عالمي چيمپيئن رهندڙ ٽيم هلندڙ سال نومبر ۾ ايشيائي دوري دوران جاپان ۽ سنگاپور خلاف دوستاڻيون ميچون کيڏڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق برازيل جو مقابلو 14 نومبر تي جاپان ۽ 17 نومبر تي سنگاپور سان ٿيندو، جڏهن ته اهي ٻئي ميچون سنگاپور جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون. …

ريوڊي جنيرو – 04 سيپٽمبر(اي پي پي)برازيل جي فٽبال فيڊريشن (سي بي ايف) اعلان ڪيو آهي ته 5 ڀيرا عالمي چيمپيئن رهندڙ ٽيم هلندڙ سال نومبر ۾ ايشيائي دوري دوران جاپان ۽ سنگاپور خلاف دوستاڻيون ميچون کيڏڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق برازيل جو مقابلو 14 نومبر تي جاپان ۽ 17 نومبر تي سنگاپور سان ٿيندو، جڏهن ته اهي ٻئي ميچون سنگاپور جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون. برازيل جي مينيجر چيو ته ورلڊڪپ کانپوءِ اهي ميچون ٽيم جي نئين سر جوڙجڪ ۽ تيارين لاءِ انتهائي اهم آهن. هن چيو ته جاپان ۽ سنگاپور خلاف مقابلن سان مختلف حالتن ۾ ٽيم جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جو موقعو ملندو، جيڪو نئين دور جي شروعات ۾ انتهائي اهم آهي. برازيل جي ٽيم ان کان اڳ 25 ۽ 29 سيپٽمبر تي ٽائونز ويل ۽ برسبين ۾ آسٽريليا خلاف 2 دوستاڻيون ميچون کيڏندي جڏهن ته 3 آڪٽوبر تي ڪولڪته ۾ ڀارت جي آمهون سامهون ٿيندي.