پي سي بي پاران سڄي ملڪ جي 100 ضلعن ۾ اسڪول ڪرڪيٽ جون سرگرميون جاري

لاهور-03 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي جي ويزن موجب سڄي ملڪ جي 100 ضلعن ۾ اسڪول ڪرڪيٽ جون سرگرميون جاري آهن، ان سلسلي ۾ پي سي بي ٽئلينٽ هنٽ پروگرام فار اسڪولز تحت نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ ڪوچنگ ڪلينڪ ڪوٺائي. پي سي بي ترجمان موجب ڪوچنگ ڪلينڪ ۾ ٻن اسڪولن جي 30 رانديگرن قومي ڪرڪيٽرز جي نگراني هيٺ ٽريننگ حاصل ڪئي. شاهين شاهه آفريدي، …

لاهور-03 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي جي ويزن موجب سڄي ملڪ جي 100 ضلعن ۾ اسڪول ڪرڪيٽ جون سرگرميون جاري آهن، ان سلسلي ۾ پي سي بي ٽئلينٽ هنٽ پروگرام فار اسڪولز تحت نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ ڪوچنگ ڪلينڪ ڪوٺائي. پي سي بي ترجمان موجب ڪوچنگ ڪلينڪ ۾ ٻن اسڪولن جي 30 رانديگرن قومي ڪرڪيٽرز جي نگراني هيٺ ٽريننگ حاصل ڪئي. شاهين شاهه آفريدي، فخر زمان، ابرار احمد ۽ شاهنواز ڏاهاڻي نوجوان رانديگرن کي راند جي مختلف رخن بابت مفيد ٽپس ڏنا. شاهين شاهه آفريدي ۽ شاهنواز ڏاهاڻي اسڪول جي ٻارن کي فاسٽ بالنگ جي فن ۽ گهرائي کان آگاهه ڪيو جڏهن ته فخر زمان نيٽس ۾ بيٽنگ جو جائزو وٺندي کين مفيد مشورا ڏنا، ابرار احمد رانديگرن کي اسپن بالنگ جي مختلف رخن بابت ٻڌايو. پي سي بي ٽئلينٽ هنٽ پروگرام فار اسڪولز جو ٻيو سيزن سيپٽمبر جي ٽئين هفتي کان شروع ٿيندو، پروگرام جو دائرو 2025ع ۾ 39 ضلعن کان وڌائي 100 ضلعن تائين پهچايو ويو جڏهن ته ٻي سيزن ۾ شريڪ اسڪولن جو انگ به 450 کان وڌي 1400 ٿي ويو آهي، ملڪ جا مختلف تعليمي ادارا پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان گڏجي اسڪول ڪرڪيٽ کي مضبوط بڻائڻ ۽ نوجوان ٽئلينٽ کي سامهون آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.