بيونس آئرس-03 سيپٽمبر (اي پي پي)ارجنٽائن فٽبال ايسوسي ايشن (اي ايف اي) راند مان رٽائرمينٽ جواعلان ڪندڙ قومي ٽيم جي ليجنڊ رانديگر ۽ ڪپتان ليونل ميسي کي شاندار خراج تحسين پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ان سلسلي ۾ هلندڙ هفتي جي آخر ۾ ارجنٽائن ۾ ٿيندڙ مردن ۽ عورتن جون سموريون فٽ بال ميچز پهرين هاف جي 10هين منٽ ۾ هڪ منٽ لاءِ روڪيون وينديون ۽ …
ليونل ميسي کي شاندار خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ارجنٽائن ۾ سموريون فٽبال ميچز ڏهين منٽ ۾ روڪڻ جو اعلان
بيونس آئرس-03 سيپٽمبر (اي پي پي)ارجنٽائن فٽبال ايسوسي ايشن (اي ايف اي) راند مان رٽائرمينٽ جواعلان ڪندڙ قومي ٽيم جي ليجنڊ رانديگر ۽ ڪپتان ليونل ميسي کي شاندار خراج تحسين پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ان سلسلي ۾ هلندڙ هفتي جي آخر ۾ ارجنٽائن ۾ ٿيندڙ مردن ۽ عورتن جون سموريون فٽ بال ميچز پهرين هاف جي 10هين منٽ ۾ هڪ منٽ لاءِ روڪيون وينديون ۽ ليونل ميسي جي اعزاز ۾ تاڙيون وڄايون وينديون. ارجنٽائن فٽبال ايسوسي ايشن موجب وڊيو اسڪرين سام ليس سمورن اسٽيڊيمز ۾ ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ ليونل ميسي جي ڪيريئر تي ٻڌل خصوصي خراج تحسين وڊيو به هلائي ويندي. ليونل ميسي 2005ع ۾ ارجنٽائن جي سينيئر قومي ٽيم مان ڊيبيو ڪيو هيو ۽ قومي ٽيم پاران 125 گولن سميت آل ٽائم اسڪورر بڻيا. هن 6 عالمي ڪپ کيڏيا ۽ 2022ع ۾ ارجنٽائن کي عالمي ڪپ کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. 39 سالن جي ليونل ميسي عالمي ڪپ ۾ 34 ميچون کيڏڻ ۽ 23 ۾ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جو رڪارڊ به رکي ٿو. هن سوشل ميڊيا تي پنهنجي هٿ سان لکيل لکت ۾ اعلان ڪيو ته 2026ع ۾ عالمي ڪپ جو اسپين خلاف فائنل سندس ارجنٽائن لاءِ آخري ميچ هئي. 39 سالن جي عمر ۾ عالمي فٽ بال تان رٽائرڊ ٿي رهيو آهي.












