جنيوا- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) فيفا انڊر 20 وومينز ورلڊ ڪپ 2026 ۾ شرڪت ڪندڙ سمورين 24 ٽيمن جي اسڪواڊز جو باضابطه طور تي اعلان ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پولينڊ ۾ 5 سيپٽمبر کان 27 سيپٽمبر تائين کيڏجندڙ ان عالمي ايونٽ ۾ پولينڊ ، بينن، ايڪواڊور، نيو ڪيليڊونيا، پرتگال ۽ تنزانيا جون ٽيمون پهريون ڀيرو هن عالمي ايونٽ ۾ حصو وٺي رهيون آهن. 6 ڪنفيڊريشنز جي 24 ٽيمن کي 6 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، ٽورنامينٽ جو 12 هون …
فيفا انڊر 20 وومينز ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ 24 ٽيمن جي اسڪواڊ جو باضابطه اعلان ٿي ويو
جنيوا- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) فيفا انڊر 20 وومينز ورلڊ ڪپ 2026 ۾ شرڪت ڪندڙ سمورين 24 ٽيمن جي اسڪواڊز جو باضابطه طور تي اعلان ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پولينڊ ۾ 5 سيپٽمبر کان 27 سيپٽمبر تائين کيڏجندڙ ان عالمي ايونٽ ۾ پولينڊ ، بينن، ايڪواڊور، نيو ڪيليڊونيا، پرتگال ۽ تنزانيا جون ٽيمون پهريون ڀيرو هن عالمي ايونٽ ۾ حصو وٺي رهيون آهن. 6 ڪنفيڊريشنز جي 24 ٽيمن کي 6 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، ٽورنامينٽ جو 12 هون ايڊيشن پولينڊ جي چئن شهرن ۾ منعقد ڪيو ويندو .ايونٽ جو فائنل 27 سيپٽمبر تي لوڊز ۾ کيڏيو ويندو.












