ڪارلوس الڪاراز جي  4 مهينن کانپوءِ شاندار واپسي، يو ايس اوپن مينز سنگلز ۾ فاتحاڻي شروعات ڪندي ٻي رائونڊ ۾ داخل

نيو يارڪ- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) اسپين جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ دفاعي چيمپئن ڪارلوس الڪاراز يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ذريعي هٿ جي زخم مان صحتياب ٿي 4 مهينن کانپوءِ يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ذريعي شاندار واپسي ڪئي آهي. 23 سالن جي هسپانوي ٽينس اسٽار ڪارلوس الڪاراز مردن جي سنگلز مقابلن جي شروعاتي رائونڊ ميچ ۾ پنهنجي روسي مخالف رانديگر رومن سيفيولن کي شڪست ڏئي نه صرف …

نيو يارڪ- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) اسپين جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ دفاعي چيمپئن ڪارلوس الڪاراز يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ذريعي هٿ جي زخم مان صحتياب ٿي 4 مهينن کانپوءِ يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ذريعي شاندار واپسي ڪئي آهي. 23 سالن جي هسپانوي ٽينس اسٽار ڪارلوس الڪاراز مردن جي سنگلز مقابلن جي شروعاتي رائونڊ ميچ ۾ پنهنجي روسي مخالف رانديگر رومن سيفيولن کي شڪست ڏئي نه صرف ميگا ايونٽ ۾ فاتحاڻي شروعات ڪئي پر ٻئي رائونڊ لاءِ به ڪواليفائي ڪري ورتو. پرڏيهي ميڊيا موجب هلندڙ سال جي چوٿين ۽ آخري گرينڊ سلام يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جا دلچسپ مقابلا نيويارڪ ۾ جاري آهن. آرٿر ايش اسٽيڊيم ۾ کيڏيل مردن جي سنگلز مقابلن جي شروعاتي ميچ ۾ اسپين جي ڪارلوس الڪاراز شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي  روسي مخالف رومن سيفيولن  کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 6-4، 6-4 ۽ 6-4 سان شڪست ڏئي ٻئي رائونڊ ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.