لاهور -30 آگسٽ (اي پي پي) بوائز انڊر 17 ورلڊ والي بال چيمپيئن شپ ۾ پنجين پوزيشن حاصل ڪندڙ پاڪستاني والي بال ٽيم وطن واپس پهچي وئي. لاهور پهچڻ تي قومي ٽيم جي شاندار آجيان ڪئي وئي. دوحه ۾ منعقد بوائز انڊر 17 ورلڊ والي بال چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان جي ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي پهريون ڀيرو پنجين پوزيشن حاصل ڪئي آهي. قومي ٽيم جي لاهور واپسي تي …
پاڪستان والي بال ٽيم وطن واپس پهچي وئي
لاهور -30 آگسٽ (اي پي پي) بوائز انڊر 17 ورلڊ والي بال چيمپيئن شپ ۾ پنجين پوزيشن حاصل ڪندڙ پاڪستاني والي بال ٽيم وطن واپس پهچي وئي. لاهور پهچڻ تي قومي ٽيم جي شاندار آجيان ڪئي وئي. دوحه ۾ منعقد بوائز انڊر 17 ورلڊ والي بال چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان جي ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي پهريون ڀيرو پنجين پوزيشن حاصل ڪئي آهي. قومي ٽيم جي لاهور واپسي تي ٽيم جي شاندار آجيان ڪئي وئي. ان موقعي تي قومي ٽيم جي ڪپتان محمد عرفان صحافين سان ڳالهائيندي حڪومت کان والي بال جي رانديگرن لاءِ وڌيڪ سهولتون ۽ سرپرستي فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن ان راند جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي وڃي ته پاڪستان والي بال ٽيم عالمي سطح تي چيمپيئن بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿي. واضح رهي ته قطر جي شهر دوحه ۾ منعقد بوائز انڊر 17 ورلڊ والي بال چيمپيئن شپ ۾ 20 کان وڌيڪ ملڪن جي ٽيمن شرڪت ڪئي.












