پاڪستان جي نمائندگي هر ڪرڪيٽر لاءِ فخر جوڳي آهي: محمد حسنين

لاهور-30 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد حسنين چيو آهي، ته تيز رفتاري ۾ بهتري نئين بال سان بالنگ، ڊيٿ اوورز ۾ مختلف طريقن جا بال ۽ فٽنيس ان جي موجوده تربيتي ڪيمپ جون بنيادي ترجيحون آهن، جڏهن ته سندس هدف ڊوميسٽڪ سيزن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ايندڙ ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ واپسي آهي. پي سي بي پوڊ ڪاسٽ جي 88هين …

لاهور-30 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد حسنين چيو آهي، ته تيز رفتاري ۾ بهتري نئين بال سان بالنگ، ڊيٿ اوورز ۾ مختلف طريقن جا بال ۽ فٽنيس ان جي موجوده تربيتي ڪيمپ جون بنيادي ترجيحون آهن، جڏهن ته سندس هدف ڊوميسٽڪ سيزن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ايندڙ ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ واپسي آهي. پي سي بي پوڊ ڪاسٽ جي 88هين قسط ۾ ميزبان شاهنواز رانا سان ڳالهائيندي هن چيو ته فاسٽ بالر لاءِ ردم ۽ اسٽيمنا اهم آهن ڪيمپ ۾ انهن ڳالهين تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. محمد حسين چيو ته پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ هر ڪرڪيٽر لاءِ فخر جو لمحو هوندو آهي، پنهنجي تيز رفتار بالنگ جي حوالي سان محمد حسنين چيو ته هو ٽي وي تي اڳوڻي ڪپتان ۽ فاسٽ بالر وقار يونس ۽ شعيب اختر کي ڏسي وڏو ٿيو آهي ۽ انهن جي رفتار سندس اندر پڻ تيز بالنگ ڪرڻ جو جنون پيدا ڪيو. هن چيو ته فائينل ۾ مين آف دي ميچ ۽ بهترين امرجنگ پليئر جو اعزاز حاصل ڪرڻ سندس ڪيريئر جي يادگار لمحن ۾ شامل آهي. نوجوان ڪرڪيٽرز کي پيغام ڏيندي هن چيو ته ڏکيائين کان گهٻرائڻ بدران انهن کي منهن ڏيڻ گهرجي، زندگي يا راند جي ميدان ۾ ڪڏهن به هار نه مڃڻ گهرجي.