پيرس- 24 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پيرس ۾ فرانسيسي صدر ايمانويل ميڪرون سان گڏ اي اسپورٽس ورلڊڪپ جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اي اسپورٽس ورلڊڪپ جي پڃاڻي واري تقريب پنهنجي قيام کانپوءِ پهريون ڀيرو سعودي عرب کان ٻاهر منعقد ٿي رهي آهي. ان ايونٽ ۾ ڪمپيوٽر گيمز کان وٺي شطرنج تائين جا نمايان اي اسپورٽس پليئر …
سعودي ولي عهد پاران پيرس ۾ اي اسپورٽس ورلڊڪپ جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت
پيرس- 24 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پيرس ۾ فرانسيسي صدر ايمانويل ميڪرون سان گڏ اي اسپورٽس ورلڊڪپ جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اي اسپورٽس ورلڊڪپ جي پڃاڻي واري تقريب پنهنجي قيام کانپوءِ پهريون ڀيرو سعودي عرب کان ٻاهر منعقد ٿي رهي آهي. ان ايونٽ ۾ ڪمپيوٽر گيمز کان وٺي شطرنج تائين جا نمايان اي اسپورٽس پليئر حصو ورتو. ايونٽ جا شروعاتي ٻه سيشنز گادي واري شهر رياض ۾ ٿيا هئا. پيرس ۾ ٽي جولاءِ کان شروع ٿيل ان ايونٽ ۾ 100 کان وڌيڪ ملڪن جا ٻه هزار پليئرز ۽ 200 ڪلبز شرڪت ڪئي. چين جي ٽيم آل گيمر سعودي عرب جي ڊبل چيمپيئن ٽيم فالڪنز کي هارائي ويڊيو گيمنگ اي اسپورٽس ورلڊڪپ کٽي ورتو. آل گيمر پنج هزار 300 جي مجموعي پوائنٽس سان پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري 7 ملين ڊالر جو انعام کٽيو. اها تقريب ان گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته فرانس ۽ سعودي عرب راند ۽ ثقافت کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو ذريعو بڻائڻ چاهن ٿا.












