انگلش پريميئر ليگ، آرسنل جي ڪامياب شروعات، پنهنجي شروعاتي ميچ ۾ ڪوونٽري سٽي کي هارائي ڇڏيو

لنڊن- 23 آگسٽ (اي پي پي) دفاعي چيمپيئن آرسنل جي ٽيم انگلش پريميئر ليگ ۾ پنهنجي مهم جي شروعات ڪاميابي سان ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب آرسنل ڪوونٽري سٽي جي ٽيم کي هڪ طرفه مقابلي کان پوءِ 3-0 گول تان هارائي ڇڏيو. ڪائي هاورٽز، بڪائيو ساڪا ۽ مارٽن اوڊيگارڊ هڪ هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم آرسنل جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.  انگلش پريميئر فٽبال ليگ جي 35هين سيزن جي شروعات انگلينڊ …

لنڊن- 23 آگسٽ (اي پي پي) دفاعي چيمپيئن آرسنل جي ٽيم انگلش پريميئر ليگ ۾ پنهنجي مهم جي شروعات ڪاميابي سان ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب آرسنل ڪوونٽري سٽي جي ٽيم کي هڪ طرفه مقابلي کان پوءِ 3-0 گول تان هارائي ڇڏيو. ڪائي هاورٽز، بڪائيو ساڪا ۽ مارٽن اوڊيگارڊ هڪ هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم آرسنل جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.  انگلش پريميئر فٽبال ليگ جي 35هين سيزن جي شروعات انگلينڊ ۾ ٿي چڪي آهي جنهن ۾ فٽبال جي شوقينن کي انتهائي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا. ايمريٽس اسٽيڊيم، لنڊن، انگلينڊ ۾ کيڏيل ليگ جي اهم ميچ ۾ دفاعي چيمپيئن آرسنل جي ٽيم شاندار راند پيش ڪندي مخالف ٽيم ڪوونٽري سٽي کي آساني سان 3-0 گول تان هارائي ڇڏيو. ان فتح سان دفاعي چيمپيئن آرسنل کي 3 پوائنٽس مليا.

مزید خبریں