لنڊن – 23 آگسٽ (اي پي پي) انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ 27 آگسٽ کان لنڊن جي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ تي شروع ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا موجب انگلينڊ کي پاڪستان خلاف 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي. انگلينڊ ليڊز ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ گرين شرٽس کي هڪ اننگز ۽ 103 رنسن سان …
انگلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 27 آگسٽ کان شروع ٿيندي

مزید خبریں
لنڊن – 23 آگسٽ (اي پي پي) انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ 27 آگسٽ کان لنڊن جي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ تي شروع ٿيندي. پرڏيهي ميڊيا موجب انگلينڊ کي پاڪستان خلاف 3 ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي. انگلينڊ ليڊز ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ گرين شرٽس کي هڪ اننگز ۽ 103 رنسن سان شڪست ڏني هئي. ان کان اڳ پروفيشنل ڪائونٽي ڪلب سليڪٽ اليون ۽ پاڪستان جي ٽيمن وچ م ان کان اڳ 3 ڏينهن واري وارم اپ ميچ پاڪستان جي ٽيم 7 وڪيٽن سان کٽي هئي. انگلينڊ ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾3 ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ 27 کان 31 آگسٽ تائين انگلينڊ جي گادي واري هنڌ لنڊن، لارڊز ۾ کيڏي ويندي. انگلينڊ جي ٽيم جي قيادت جوروٽ ڪندو جڏهن ته پاڪستان جي ٽيم بهترين بيٽسمين بابر اعظم جي فٽنيس مسئلن سبب غير موجودگي ۾ سلمان آغاز جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي، جڏهن ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 9 کان 13 سيپٽمبر تائين برمنگهم ۾ کيڏي ويندي.











