نادرا پينشنرز لاءِ پروف آف لائيف سرٽيفڪيٽ کي مفت جاري ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري ڇڏي

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) نادرا پينشنرز لاءِ پروف آف لائيف يعني ”تصديقِ حيات“ سرٽيفڪيٽ کي مفت جاري ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري ڇڏي. نادرا عملدارن موجب اها سهولت هاڻ پاڪ آءِ ٽي موبائل ايپ، نادرا رجسٽريشن مرڪز، يونين ڪائونسلز، اِي سهولت فرنچائزز ۽ نادرا جي موبائل سروسز ذريعي سڄي ملڪ ۾ دستياب آهي. اهي قدم وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص هدايتن تي گهرو ۽ منشيات جي خاتمي …

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) نادرا پينشنرز لاءِ پروف آف لائيف يعني ”تصديقِ حيات“ سرٽيفڪيٽ کي مفت جاري ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري ڇڏي. نادرا عملدارن موجب اها سهولت هاڻ پاڪ آءِ ٽي موبائل ايپ، نادرا رجسٽريشن مرڪز، يونين ڪائونسلز، اِي سهولت فرنچائزز ۽ نادرا جي موبائل سروسز ذريعي سڄي ملڪ ۾ دستياب آهي. اهي قدم وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص هدايتن تي گهرو ۽ منشيات جي خاتمي واري وزارت، بچاءُ واري وزارت، ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس (سي جي اي) ۽ ملٽري اڪائونٽنٽ جنرل (ايم اي جي) جي سهڪار سان ڪيو ويو آهي. جنهن جو مقصد بزرگ ۽ خاص ماڻهن سميت اهڙن پينشنرن کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي جن لاءِ پروف آف لائيف جي گڏيل ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ بئنڪ يا پينشن آفيس وڃڻ ڏُکيو هوندو آهي. ان سهولت کي حاصل ڪرڻ جو سڀ کان آسان طريقو پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ آهي جنهن ذريعي پينشنرز گهر ويٺي پنهنجو پروف آف لائيف سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهن ٿا. جيڪي پينشنر پاڻ پاڪ آءِ ڊي استعمال نٿا ڪري سگهن، سندن ڪٽنبن جو ڪو ڀاتي پنهنجي پاڪ آءِ ڊي اڪائونٽ ذريعي شناختي سُڃاڻپ جي طئي ٿيل ڪارروائي مڪمل ڪري پينشنر جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهن ٿا. جيڪي پينشنر معاونت سان اها سهولت حاصل ڪرڻ گهرجي، ان لاءِ پروف آف لائيف سرٽيفڪيٽ سڄي ملڪ ۾ 5 هزار کان وڌيڪ اِي سهولت فرنچائزز تي بنا معاوضي دستياب آهي. پينشنرز 988 کان وڌيڪ نادرا رجسٽريشن مرڪزن ۽ 500 يونين ڪائونسلن کان به اها سهولت حاصل ڪري سگهن ٿا جتي کين معمول جي قطار ۾ انتظار کانسواءِ ترجيحي بنياد تي خدمتون فراهم ڪيون پيون وڃن. اهڙا پينشنرز جيڪي ڪنهن سروس پوائنٽ تائين آسانيءَ سان نٿا پهچي سگهن، ان لاءِ اها سهولت نادرا جي موبائل رجسٽريشن وينز، بائيڪر سروس ۽ مين پيڪ سروس ذريعي به دستياب آهي. اهڙيءَ طرح محدود چُرپر يا رسائي رکندڙ ماڻهو به پروف آف لائيف سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري سگهن ٿا.