پهرين جولاءِ کان 20 آگسٽ تائين پيٽرول تي ليوي 66.64، ڊيزل تي 79.54 مان وڌائي 80-80 ڪئي وئي: توانائيءَ واري وزارت پاران قومي اسيمبليءَ ۾ جواب

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) توانائي واري وزارت طرفان پهرين جولاءِ کان 20 آگسٽ تائين پيٽرول تي ليوي جي شرح جا تفصيل قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيا ويا، پهرين جولاءِ 2026ع تي پيٽرول تي في ليٽر ليوي 66.64 جڏهن ته ڊيزل تي 79.54 رپيا هئي جيڪا 20 آگسٽ 2026ع تي 80-80 رپيا ڪئي وئي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل غير نشاندار سوالن ۽ انهن جي جواب ۾ آصف خان …

اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) توانائي واري وزارت طرفان پهرين جولاءِ کان 20 آگسٽ تائين پيٽرول تي ليوي جي شرح جا تفصيل قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيا ويا، پهرين جولاءِ 2026ع تي پيٽرول تي في ليٽر ليوي 66.64 جڏهن ته ڊيزل تي 79.54 رپيا هئي جيڪا 20 آگسٽ 2026ع تي 80-80 رپيا ڪئي وئي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل غير نشاندار سوالن ۽ انهن جي جواب ۾ آصف خان طرفان پُڇيل سوال جي جواب ۾ توانائيءَ واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ طرفان ٻُڌايو ويو ته غير معمولي عالمي مارڪيٽ جي لاهن چاڙهن دوران صارفين کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پيٽروليم ليوي جي شرح ۾ گهٽتائي ڪئي وئي هئي، منظور ٿيل بجيٽ جي هدف موجب مرحليوار ان کي بحال ڪيو ويو آهي، سندس طرفان ڏنل انگن اکرن موجب پهرين جولاءِ 2026ع کان 20 آگسٽ تائين پيٽرول تي ليوي 13.36 پئسا وڌائي وئي آهي جڏهن ته ڊيزل تي في ليٽر پهرين جولاءِ 2026ع تي مقرر 79.54 پئسن ۾ ترتيبوار گهٽتائي ڪندي 11 جولاءِ 2026ع تي 70.82 پئسا جڏهن ته 20 آگسٽ تي ان کي وڌائي 80 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. هلندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ پيٽروليم ليوي جي وصولين جي سلسلي ۾ 1676 ارب رپين جو هدف مقرر ڪيو ويو جنهن جي بنياد تي پيٽرول ۽ ڊيزل تي سراسري في ليٽر ليوي 80 رپيا آهي.