اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ(ن)، آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي لاءِ عورتن ۽ ٻين مخصوص سيٽن تي پنهنجن اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پير مظهر سعيد ۽ بئريسٽر افتخار گيلاني کي به نامزد ڪيو ويو آهي. اربع ڏينهن مسلم ليگ(ن)جي سربراهه محمد نواز شريف جي صحيحن سان جاري نوٽيفيڪيشن مطابق عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ مريم زماني، مريم ادريس، سحرش قمر ۽ رفعت عابد …
پاڪستان مسلم ليگ(ن) پاران آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي لاءِ عورتن ۽ ٻين مخصوص سيٽن تي اميدوارن جو اعلان

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ(ن)، آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي لاءِ عورتن ۽ ٻين مخصوص سيٽن تي پنهنجن اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پير مظهر سعيد ۽ بئريسٽر افتخار گيلاني کي به نامزد ڪيو ويو آهي. اربع ڏينهن مسلم ليگ(ن)جي سربراهه محمد نواز شريف جي صحيحن سان جاري نوٽيفيڪيشن مطابق عورتن جي مخصوص سيٽن لاءِ مريم زماني، مريم ادريس، سحرش قمر ۽ رفعت عابد اميدوار هونديون. اوورسيز پاڪستانين جي سيٽ لاءِ عبدالرحمان ۽ ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي قانون ساز اسيمبلي جي اڳوڻي اميدوار سيد افتخار علي گيلاني کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. علما مشائخ جي سيٽ تي پير محمد مظهر سعيد اميدوار هوندو.











