گڏيل قومن پاران ڪابل جي تعليمي مرڪز ۾ ڌماڪي جي مذمت، واقعي جي جاچ جو مطالبو

گڏيل قومون - 19 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن ڪابل جي هڪ تعليمي مرڪز ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي واقعي جي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي افغانستان بابت معاون مشن  سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ٻڌايو ته سومر تي ڪابل جي هڪ تعليمي مرڪز ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ 9 کان 14 سالن جي عمر جا 42 ٻار زخمي ٿيا هئا. افغانستان ۾ گڏيل قومن …

گڏيل قومون – 19 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن ڪابل جي هڪ تعليمي مرڪز ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي واقعي جي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي افغانستان بابت معاون مشن  سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ٻڌايو ته سومر تي ڪابل جي هڪ تعليمي مرڪز ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ 9 کان 14 سالن جي عمر جا 42 ٻار زخمي ٿيا هئا. افغانستان ۾ گڏيل قومن جي معاون مشن يو اين اي ايم زخمي ٻارن ۽ انهن جي خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي واقعي جي حالتن جو تعين ڪرڻ لاءِ جاچ جو مطالبو ڪيو. مشن ان ڳالهه تي به زور ڀريو اسڪولن ۽ تعليمي مرڪزن کي محفوظ  رکڻ گهرجي. هن وقت تائين ڪنهن گروهه يا ماڻهو ان حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.

مزید خبریں