اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته انساني همدردي، اخوت ۽ گڏيل احترام فلاحي معاشري جو حقيقي بنياد آهن. انساني جان، عزت ۽ وقار جو تحفظ مهذب معاشري جي بنيادي سڃاڻپ آهي. اربع ڏينهن هن انساني همدردي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ انسانيت جي خدمت ڪندڙ فلاحي ادارن ۽ فلاحي ڪم ڪندڙ شخصيتن کي خراج تحسين …
انساني همدردي، اخوت ۽ گڏيل احترام فلاحي معاشري جو حقيقي بنياد آهن: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي، ته انساني همدردي، اخوت ۽ گڏيل احترام فلاحي معاشري جو حقيقي بنياد آهن. انساني جان، عزت ۽ وقار جو تحفظ مهذب معاشري جي بنيادي سڃاڻپ آهي. اربع ڏينهن هن انساني همدردي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ انسانيت جي خدمت ڪندڙ فلاحي ادارن ۽ فلاحي ڪم ڪندڙ شخصيتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته اسلام انسانيت، همدردي، برابري ۽ خدمت خلق جو سبق ڏئي ٿو. پاڪستان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان انساني بنيادن تي افغان پناهگيرن جي خدمت ڪري رهيو آهي. پاڪستان سڄي دنيا ۾ عالمي تڪرارن ۽ جنگ سبب متاثر ملڪن ۾ گڏيل قومن جي امن مشن ۾ حصو وٺي رهيو آهي. انسانيت جي خدمت، احترام ۽ تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته انساني همدردي جو عالمي ڏينهن اسان کي انساني قدرن کي هٿي ڏيڻ جو درس ڏئي ٿو. جنگيون، تڪرار ۽ قدرتي آفتن سبب متاثر ماڻهن جي مدد اسان جي اخلاقي ذميواري آهي. انساني همدردي ڪنهن مذهب، قوم يا سرحد جي پابند ناهي. هن چيو ته انساني قدرن کي هٿي ڏيڻ لاءِ امن، انصاف ۽ برابري کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي. پارليامينٽ معاشري جي ڪمزور ۽ پٺتي پيل طبقن جي ڀلائي لاءِ قانونسازي ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. انسانيت جو ڏهاڙو، انسانيت جي احترام، امن ۽ خدمت جي عزم جي تجديد جو ڏينهن آهي.











