استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر سان گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير مان نون چونڊيل ميمبرن  ۽ پارٽي اڳواڻن جي ملاقات

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان سان گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي اڳواڻن ملاقات ڪئي. جنهن ۾ گلگت بلتسان ۾ تازي حڪومت سازي، آزاد ڪشمير جي ايندڙ چونڊ، سياسي صورتحال ۽ پارٽي جي ايندڙ حڪمت عملي تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. اربع ڏينهن جاري پريس پڌرائي موجب ملاقات ڪندڙن ۾ راجه جلال مقپون، امام مالڪ  ۽ …

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان سان گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي اڳواڻن ملاقات ڪئي. جنهن ۾ گلگت بلتسان ۾ تازي حڪومت سازي، آزاد ڪشمير جي ايندڙ چونڊ، سياسي صورتحال ۽ پارٽي جي ايندڙ حڪمت عملي تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. اربع ڏينهن جاري پريس پڌرائي موجب ملاقات ڪندڙن ۾ راجه جلال مقپون، امام مالڪ  ۽ ٻيا پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان ۾ تعليم، خوراڪ، صنعت، پاڻي ۽ بجلي، جيل، زراعت ۽ گهرو وزارتون استحڪام پاڪستان پارٽي کي مليون آهن. ان موقعي تي پارٽي اڳواڻن سياسي معاملن، مختلف تجويزن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي به صدر عبدالعليم خان کي آگاهه ڪيو. عبدالعليم خان چيو ته اترين علائقن ۾ سياحت سميت اهم شعبن ۾ ترقي ضروري آيه، درست پاليسين ذريعي ئي گلگت بلتسان کي پنهنجي پيرن تي بيهاري سگهجي ٿو. قدرتي حسن ۽ بي شمار نعتمن سان مالا مال انهن علائقن ۾ ترقي لاءِ صرف محنت ۽ درست رخ گهربل آهي. هن چيو ته آءِ پي پي جي وزيرن کي عوام کي حقيقي ثمر پهچائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو.