حج 2027ع لاءِ هڪ ڏينهن ۾ 13 هزار 260 حج پانڌيئڙن  8 ارب 70 ڪروڙ روپيا جمع ڪرايا: مذهبي معاملن واري وزارت

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) حج 2027ع لاءِ هڪ ڏينهن ۾ مجموعي طور 13 هزار 260  حج پانڌيئڙن 8 ارب 70 ڪروڙ  روپين کان وڌيڪ جمع ڪرايا آهن. اربع ڏينهن مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو ته حج ڊجيٽل پورٽل ذريعي رهتن جي پهرين قسط جي ادائگي شروع آهي. هن چيو ته حج پانڌيئڙن لاءِ ون لنڪ پي ايس آءِ ڊي بينڪ ڪارڊ ۽ مينيول …

اسلام آباد- 19 آگسٽ (اي پي پي) حج 2027ع لاءِ هڪ ڏينهن ۾ مجموعي طور 13 هزار 260  حج پانڌيئڙن 8 ارب 70 ڪروڙ  روپين کان وڌيڪ جمع ڪرايا آهن. اربع ڏينهن مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان اي پي پي کي ٻڌايو ته حج ڊجيٽل پورٽل ذريعي رهتن جي پهرين قسط جي ادائگي شروع آهي. هن چيو ته حج پانڌيئڙن لاءِ ون لنڪ پي ايس آءِ ڊي بينڪ ڪارڊ ۽ مينيول بينڪ چالان ذريعي ادائگي جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. هن وقت تائين (صرف هڪ ڏينهن ۾) بينڪ ڪارڊ ذريعي 2 هزار 6 آن لائين ٽرانزيڪشن مڪمل ڪيون ويون آهن. ون لنڪ پي ايس آءِ ڊي ذريعي 4 هزار 615  جڏهن ته 6761 حج پانڌيئڙن ذريعي ڊجيٽل چالان حبيب بئنڪ ۾ رقم جمع ڪرائين. هن ٻڌايو ته مجموعي طور 13 هزار 260 حج پانڌيئڙن 8 ارب 70 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جمع ڪرايا. شارٽ حج اسڪيم ۾ 7 هزار حج پانڌيئڙن جون ادائگيون به مڪمل ٿي ويون.