واشنگٽن-18 آگسٽ (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته سندن عملو 19 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تائين اولهه آفريڪي ملڪ سينيگال جو دورو ڪندو، ان دوران سينيگال لاءِ نئين قرض سهولت تحت امڪاني طور تي معاونت حاصل ڪندڙ پاليسين ۽ سڌارن تي ڳالهيون جاري رکيون وينديون. پرڏيهي ميڊيا مطابق آءِ ايم ايف جي ٽيم جو 2 هفتن تي ٻڌل سينيگال جو اهو دورو نئين قرض …
آءِ ايم ايف جو عملو 19 آگسٽ تي سينيگال جو دورو ڪندو

مزید خبریں
واشنگٽن-18 آگسٽ (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته سندن عملو 19 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تائين اولهه آفريڪي ملڪ سينيگال جو دورو ڪندو، ان دوران سينيگال لاءِ نئين قرض سهولت تحت امڪاني طور تي معاونت حاصل ڪندڙ پاليسين ۽ سڌارن تي ڳالهيون جاري رکيون وينديون. پرڏيهي ميڊيا مطابق آءِ ايم ايف جي ٽيم جو 2 هفتن تي ٻڌل سينيگال جو اهو دورو نئين قرض پروگرام طرف اهم اڳڀرائي جي عڪاسي ڪري ٿو. دوري دوران وڌيڪ فني معاملن تي پڻ ڳالهيون ڪيون وينديون. آءِ ايم ايف جي ترجمان 03 آگسٽ تي ٻڌايو هو ته آءِ ايم ايف جو عملو دوري لاءِ تيار آهي. اهو دورو سال 2024ع دوران قرضن بابت غلط رپورٽنگ جي معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوششن جو تازو مرحلو هوندو.











