فتنه الهندستان جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي: ريلوي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد-18 آگسٽ(اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته بهادر جوانن دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو آهي. هن چيو ته دهشتگردن خلاف جنگ ۾ ڏنل لازوال قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون. هن …

اسلام آباد-18 آگسٽ(اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي بلوچستان ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته بهادر جوانن دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو آهي. هن چيو ته دهشتگردن خلاف جنگ ۾ ڏنل لازوال قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون. هن چيو ته ملڪ جي دفاع، امن ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ پوري قوم پنهنجي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. دهشتگردن خلاف اهي ڪامياب ڪارروايون قومي عزم ۽ فورسز جي اعليٰ پيشيوراڻي مهارت جو چٽو ثبوت آهي. هن چيو ته فتنه الهندستان جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.