اسلام آباد- 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي ايندڙ حج جي تيارين ۽ انتظامن جي حوالي سان اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير مذهبي معاملن واري وزارت سان لاڳاپيل معاملن ۽ وزارت پاران جاري قدمن جي باري ۾ وزيراعظم کي بريفنگ …
وزيراعظم پاران ايندڙ حج دوران پاڪستاني حاجين کي بهترين سهولتن جي فراهمي ۽ موثر انتظام يقيني بڻائڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد- 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي ايندڙ حج جي تيارين ۽ انتظامن جي حوالي سان اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وفاقي وزير مذهبي معاملن واري وزارت سان لاڳاپيل معاملن ۽ وزارت پاران جاري قدمن جي باري ۾ وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ايندڙ حج دوران پاڪستاني حاجين کي بهترين سهولتن جي فراهمي ۽ موثر انتظام يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته حج لاءِ سمُورا ضروري قدم وقت تي مڪمل ڪيا وڃن.










