اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي آپريشن؛ ردالفتنه3؛ تحت بلوچستان ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشيوراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي آهي.هڪ بيان ۾ هن فتنه الهندستان جي 9 کان وڌيڪ دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪرڻ تي فورسز جي واکاڻ ڪندي چيو ته قوم کي پنهنجي بهادر سپوتن تي فخر آهي جن ملڪي بقا ۽ سلامتي کي ڪو نقصان …
وفاقي گهرو وزير پاران بلوچستان ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي آپريشن؛ ردالفتنه3؛ تحت بلوچستان ۾ ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشيوراڻين صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي آهي.هڪ بيان ۾ هن فتنه الهندستان جي 9 کان وڌيڪ دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪرڻ تي فورسز جي واکاڻ ڪندي چيو ته قوم کي پنهنجي بهادر سپوتن تي فخر آهي جن ملڪي بقا ۽ سلامتي کي ڪو نقصان پهچڻ نه ڏنو . گهرو وزير واضح ڪيو ته فورسز جون اهي ڪامياب ڪارروايون قومي سلامتي جي اڻٽٽ عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون ۽ پوري قوم دهشتگردي خلاف هن جنگ ۾ جوانن سان گڏ بيٺل آهي. هن واضح انداز ۾ چيو ته فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج خلاف بنا فرق جي رياستي قوت سان آپريشن جاري آهي ۽ امن جي قيام تائين اهو جاري رهندو.










