اسڪاٽ لينڊ فٽبال ايسوسي ايشن پاران فيفا جي صدر جي  ايندڙ صدارتي چونڊ ۾ حمايت نه ڪرڻ جو اعلان

لنڊن-18 آگسٽ(اي پي پي)اسڪاٽ لينڊ جي فٽبال ايسوسي ايشن جي چيف ايگزيڪيوٽو ايان ميڪسويل چيو آهي ته فٽ بال جي عالمي تنظيم فيفا جي صدر جياني انفينٽينو کي ووٽ نه ڏنو ويندو. اهو فيصلو يورپي فٽبال تنظيم جي موقف موجب آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايان ميڪسويل فيفا ۾ شفافيت ۽ طرز حڪمراني جي گهٽتائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته فٽبال ايسوسي ايشنز جي ميمبرن کي فيصلن ۾ وڌيڪ …

لنڊن-18 آگسٽ(اي پي پي)اسڪاٽ لينڊ جي فٽبال ايسوسي ايشن جي چيف ايگزيڪيوٽو ايان ميڪسويل چيو آهي ته فٽ بال جي عالمي تنظيم فيفا جي صدر جياني انفينٽينو کي ووٽ نه ڏنو ويندو. اهو فيصلو يورپي فٽبال تنظيم جي موقف موجب آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايان ميڪسويل فيفا ۾ شفافيت ۽ طرز حڪمراني جي گهٽتائي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته فٽبال ايسوسي ايشنز جي ميمبرن کي فيصلن ۾ وڌيڪ بهتر ڪردار ملڻ گهرجي. سندس موجب فٽبال انتظاميه کي راند بدران غير ضروري طور خبرن ۽ تڪرارن جو مرڪز نه بڻجڻ گهرجي. انگلينڊ، ويلز ۽ جمهوريه آئرلينڊ سميت ڪيتريون ئي يورپي فٽبال ايسوسي ايشنز اڳ ئي جياني انفينٽينو جي حمايت کان انڪار ڪري چڪيون آهن. ٻئي پاسي 3 ڪنفيڊريشن جي صدرن خانگي سيڙپڪارن کي عالمي ڪپ بابت ڪمپني ۾ شيئرز وڪرو ڪرڻ جي منصوبي تي جياني انفينٽينو تي ڌوڪي بازي جا الزام به لڳايا آهن. هن جي امڪاني طور تي چوٿون ڀيرو صدارتي تي مدي لاءَ به سوال اٿيا آهن. فٽبال بابت وڪالتي تنظيم فيئر اسڪوائر فيفا کان مطالبو ڪيو آهي ته سال 2016ع کان 2019ع تائين جياني انفينٽينو جي پهرين مدي کي به صدارتي مدي جي حد ۾ شمار ڪيو وڃي. تنظيم موجب  سال 2027ع ۾ ٻيهر چونڊن جي صورت ۾ اهو سندس چوٿون مدو بڻجي سگهي ٿو.  فيفا جي اڳوڻي گورننس ڪميٽي جي اڳواڻ ميگوئل مادورو به موقف اختيار ڪيو آهي ته فيفا جي قانونن جو مقصد ڪنهن اهڙي شخص لاءِ صدارتي مدي لاءِ مجموعي طور وڌ کان وڌ 12 سالن تائين محدود رکڻو هيو. فيئر اسڪوائر فيفا کان اهو به سوال ڪيو ته جياني انفينٽينو جي صدارتي مدي بابت سال 2022 ع جي فيصلي جو بنياد بڻجڻ واري ڪميٽي جون سفارشون هاڻي تائين عوام جي سامهون ڇو نه آنديون ويون. جياني انفينٽينو جي حمايت ۾ گهٽتائي شفافيت بابت اعتراض ۽ صدارتي چونڊن لاءِ اهليت تي سوالن فيفا صدر تي دٻاءَ ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آهي.