فلپائن ۾ جونيئر هاءِ اسڪول تي فائرنگ، 2 قتل، 9 زخمي

منيلا-18 آگسٽ (اي پي پي) فلپائن جي ڏکڻ پاسي جي شهر زيمبوانگا ۾ جونيئر هاءِ اسڪول ۾ فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميديا موجب زيمبوانگا سٽي جي ميئر ٻڌايو ته فائرنگ جو واقعو اڱاري تي صبح جو 8 لڳي 30 منٽن تي جونيئر هاءِ اسڪول جي ڪيمپس اتينيو زيمبوانگايونيورسٽي ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن گريد 7 جو شاگرد رائفل ۽ هينڊ …

منيلا-18 آگسٽ (اي پي پي) فلپائن جي ڏکڻ پاسي جي شهر زيمبوانگا ۾ جونيئر هاءِ اسڪول ۾ فائرنگ سبب 2 ڄڻا مارجي ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميديا موجب زيمبوانگا سٽي جي ميئر ٻڌايو ته فائرنگ جو واقعو اڱاري تي صبح جو 8 لڳي 30 منٽن تي جونيئر هاءِ اسڪول جي ڪيمپس اتينيو زيمبوانگايونيورسٽي ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن گريد 7 جو شاگرد رائفل ۽ هينڊ گن سميت اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ هن شاگردن ۽ استادن تي فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ بعد ۾ هن پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو. فائرنگ سبب هڪ شخص مارجي ۽ 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ميئر چيو ته فائرنگ کانپوءِ اسڪول کي بند ڪيو ويو آهي. شاگردن جا والدين پنهنجن ٻارن کي گهر  وٺي ويا. مقامي پوليس موجب حملو ڪندڙ بابت جاچ جاري آهي.