رياض-18 آگسٽ (اي پي پي) مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي جي مذهبي معاملن جي صدارت عمره زائرين ۽ ٻين ايندڙن لاءِ مذهبي آگاهي ۽ رهنمائي جي خدمتن ۽ ڄاڻ تائين پهنچ کي آسان بنائڻ لاءِ جديد سمارٽ ڊجيٽل ٽيڪنالجي ۽ سهولت فراهم ڪئي آهي جنهن جو مقصد سمورين ٽيڪنالاجين تائين پهنچ ۾ تيزي، مواد جي اعليٰ معيار ۽ زائرين جي بهترين سار سنڀال آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب ان ڊجيٽل سسٽم ۾ …
حرمين الشريفين ۾ زائرين جي سهولت لاءِ سمارٽ ڊجيٽل سروسز جي فراهمي

مزید خبریں
رياض-18 آگسٽ (اي پي پي) مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي جي مذهبي معاملن جي صدارت عمره زائرين ۽ ٻين ايندڙن لاءِ مذهبي آگاهي ۽ رهنمائي جي خدمتن ۽ ڄاڻ تائين پهنچ کي آسان بنائڻ لاءِ جديد سمارٽ ڊجيٽل ٽيڪنالجي ۽ سهولت فراهم ڪئي آهي جنهن جو مقصد سمورين ٽيڪنالاجين تائين پهنچ ۾ تيزي، مواد جي اعليٰ معيار ۽ زائرين جي بهترين سار سنڀال آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب ان ڊجيٽل سسٽم ۾ انٽرايڪٽو اسڪرينون، جديد ٽيڪنااجي سان ليس فيلڊ سينٽرز ۽ هڪ سمارٽ اليڪٽرانڪ لائبريري شامل آهي جنهن سان گڏو گڏ ترجمو ، رهنمائي تي ٻڌل مواد، مذهبي ڪتاب ۽ پبليڪيشنز به فراهم ڪيون ويون آهن. اهي سموريون سهولتون حرمين الشريفين ايندڙ زائرين کي مختلف ٻولين ۾ ڄاڻ ڏيڻ ۾ مدد ڏيندڙ آهن . صدارت پاران آگاهي ۽ رهنمائي جا پيغام ۽ مواد کي سڄي دنيا جي ڪيترن ئي اهم عالمي ٻولين ۾ پيش ڪيو پيو وڃي ته جيئن سمورن زائرين جي ضرورت پوري ڪري سگهجي. اهي جديد قدم جي روحاني سفر ۽ تجربي کي وڌيڪ شاندار بڻائين ٿا.











