اسلام آباد - 16 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان هاڪي فيڊريشن اعلان ڪيو آهي ته چين جي گوانگ ڊونگ ريجنل مينز هاڪي ٽيم 12 کان 30 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندي. پي ايڇ ايف مطابق دوري جو مقصد پاڪستان ۽ چين وچ ۾ هاڪي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، پاڪستاني رانديگرن کي مسلسل عالمي معيار جي مقابلن جو موقعو فراهم ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ رانديگرن جي مٽا …
چين جي گوانگ ڊونگ ريجنل مينز هاڪي ٽيم 12 کان 30 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندي
اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان هاڪي فيڊريشن اعلان ڪيو آهي ته چين جي گوانگ ڊونگ ريجنل مينز هاڪي ٽيم 12 کان 30 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندي. پي ايڇ ايف مطابق دوري جو مقصد پاڪستان ۽ چين وچ ۾ هاڪي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، پاڪستاني رانديگرن کي مسلسل عالمي معيار جي مقابلن جو موقعو فراهم ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ رانديگرن جي مٽا سٽا کي هٿي وٺرائڻ آهي. دوري دوران گوانگ ڊونگ ٽيم ملڪ جي مختلف وڏن هاڪي مرڪزن ۾ پاڪستاني اداره جاتي ۽ ڪلب ٽيمن خلاف ڪيتريون ئي ميچون کيڏندي. چيني وفد 12 آڪٽوبر تي پاڪستان پهچندو، جڏهن ته 30 آڪٽوبر تي وطن واپس روانو ٿيندو. پي ايڇ ايف چيو آهي ته ڊگهو دورو چيني ٽيم کي قيمتي عالمي تجربو فراهم ڪندو جڏهن ته پاڪستان جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ ٽيمن کي مضبوط حريف خلاف کيڏڻ جو موقعو ملندو. فيڊريشن مطابق گوانگ ڊونگ ٽيم جو دورو پاڪستان ۽ چين وچ ۾ هاڪي تعاون کي وسعت ڏيڻ، باقاعده عالمي رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ رانديگرن، ڪوچز ۽ آفيشلز لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ طرف اهم قدم آهي.












