لاهور- 15 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان هاڪي ٽيم 8 سالن جي ڊگهي وقفي کانپوءِ عالمي ڪپ ۾ واپسي ڪئي، انگلينڊ ٽيم سان مقابلو ڪندي. ٽيم منيجر محمد اويس قرني مطابق پاڪستان 2023ع جي ورلڊڪپ ۾ شرڪت نه ڪئي هئي، پر هن ڀيري نوجوان رانديگرن تي ٻڌل ٽيم عالمي سطح تي پنهنجي واپسي کي يادگار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته سمورا رانديگر مڪمل طور تي فٽ ۽ پرجوش …
پاڪستان هاڪي ٽيم جي 8 سالن کان پوءِ عالمي ڪپ ۾ واپسي، پاڪستان ٽيم جو انگلينڊ سان مقابلو
لاهور- 15 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان هاڪي ٽيم 8 سالن جي ڊگهي وقفي کانپوءِ عالمي ڪپ ۾ واپسي ڪئي، انگلينڊ ٽيم سان مقابلو ڪندي. ٽيم منيجر محمد اويس قرني مطابق پاڪستان 2023ع جي ورلڊڪپ ۾ شرڪت نه ڪئي هئي، پر هن ڀيري نوجوان رانديگرن تي ٻڌل ٽيم عالمي سطح تي پنهنجي واپسي کي يادگار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته سمورا رانديگر مڪمل طور تي فٽ ۽ پرجوش آهن. اسڪواڊ ۾ ڪپتان ابوبڪر محمود ۽ عماد شڪيل بٽ اهڙا نمايان رانديگر آهن جن کي ورلڊڪپ جو اڳوڻو تجربو حاصل آهي جڏهن ته اڪثر رانديگر پهريون ڀيرو ان وڏي ايونٽ ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. قومي ٽيم ورلڊڪپ کان اڳ نيدرلينڊز ۾ ڏکڻ آفريقا ۽ جاپان خلاف پريڪٽس ميچون کيڏيون. هن ڀيري ورلڊڪپ ۾ روايتي ڪوارٽر فائنل فارميٽ بدران نئون ڪراس اوورپول نظام متعارف ڪرايو ويو آهي، جنهن تحت شروعاتي مرحلي کانپوءِ ٽيمن کي وڌيڪ پولز ۾ ورهايو ويندو. پاڪستان عالمي ڪپ جي تاريخ ۾ 4 ڀيرا ٽائٽل کٽڻ واري ٽيم آهي. قومي ٽيم 1971ع، 1978ع، 1982ع ۽ 1994ع ۾ عالمي اعزاز پنهنجي نالي ڪيو هو.












