لزبن- 12 آگسٽ (اي پي پي) پرتگال جي فٽبال اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجي ڊگهي وقت جي ساٿي جارجينا روڊريگيز سان پرتگال ۾ هڪ شاندار تقريب دوران شادي ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق، جوڙي انسٽاگرام تي پنهنجي منڊين جي تصوير شيئر ڪندي خبر جي تصديق ڪئي. 2017 ۾ ٻئي پهريون ڀيرو زيورخ ۾ ٿيل فيفا فٽبال ايوارڊز تقريب ۾ ريڊ ڪارپيٽ تي گڏ نظر آيا، جڏهن ته بعد ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو جارجينا روڊريگيز سان هڪ تصوير شيئر ڪندي پنهنجي رشتي کي عوامي …
ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ جارجينا روڊريگيز جي شادي جي تصديق
لزبن- 12 آگسٽ (اي پي پي) پرتگال جي فٽبال اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجي ڊگهي وقت جي ساٿي جارجينا روڊريگيز سان پرتگال ۾ هڪ شاندار تقريب دوران شادي ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق، جوڙي انسٽاگرام تي پنهنجي منڊين جي تصوير شيئر ڪندي خبر جي تصديق ڪئي. 2017 ۾ ٻئي پهريون ڀيرو زيورخ ۾ ٿيل فيفا فٽبال ايوارڊز تقريب ۾ ريڊ ڪارپيٽ تي گڏ نظر آيا، جڏهن ته بعد ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو جارجينا روڊريگيز سان هڪ تصوير شيئر ڪندي پنهنجي رشتي کي عوامي سطح تي ظاهر ڪيو. ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ جارجينا روڊريگيز جا پنج ٻار آهن. انهن ۾ جاڙا ٻار ايوا ماريا ۽ ميٽيو (9 سال)، ڌيءَ الانا (8 سال)، ڌيءَ بيلا (4 سال) ۽ رونالڊو جو 16 سال جو پٽ ڪرسٽيانو جونيئر شامل آهن، جيڪو رونالڊو جي پوئين رشتي مان آهي. 41 سالن جي ڪرسٽيانو رونالڊو جي شادر ان جي سعودي ڪلب النصر جي نئين سيشن جي شروعات کان صرف چار ڏينهن اڳ ٿي آهي. اها تقريب پرتگال جي گادي واري هنڌ لزبن جي اولهه ۾ سمنڊ ڪناري شهر ڪسڪائس ۾ منعقد ڪئي وئي ۽ ان ۾ سندس پنجن ٻارن شرڪت ڪئي. ڪرسٽيانو رونالڊو جنهن پنهنجي شاندار ڪيريئر ۾ اسپورٽنگ، مانچسٽر يونائيٽيڊ، ريئل ميڊريڊ، يووينٽس، النصر ۽ پرتگال لاءِ کيڏندي 1,000 گول ڪيا آهن، تازو ئي پنهنجي ڇهين ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪري ارجنٽائن جي ليونل ميسي جي سڀ کان وڌيڪ ورلڊ ڪپ کيڏڻ جو رڪارڊ برابر ڪري چڪو آهي.












