اسلام آباد - 11 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان حڪومت ۽ جاپان جي حڪومت وچ ۾ انساني وسيلن جي ترقي لاءِ اسڪالرشپ پروگرام (جي ڊي ايس 2026ع) کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ 350 ملين جاپاني ين (2.2 ملين ڊالر) جي گرانٽ معاهدي تي صحيحيون ٿي ويون. ان سلسلي ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري محمد حمير ڪريم ۽ پاڪستان ۾ جاپان جي سفير اڪاماتسوشوئيچي رڪارڊ آَ ڊسڪشنز ۽ دستاويزن …
پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ انساني وسيلن جي ترقي لاءِ اسڪالرشپ پروگرام 2026ع تحت گرانٽ معاهدي تي صحيحيون ٿي ويون
اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان حڪومت ۽ جاپان جي حڪومت وچ ۾ انساني وسيلن جي ترقي لاءِ اسڪالرشپ پروگرام (جي ڊي ايس 2026ع) کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ 350 ملين جاپاني ين (2.2 ملين ڊالر) جي گرانٽ معاهدي تي صحيحيون ٿي ويون. ان سلسلي ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري محمد حمير ڪريم ۽ پاڪستان ۾ جاپان جي سفير اڪاماتسوشوئيچي رڪارڊ آَ ڊسڪشنز ۽ دستاويزن جي مٽاسٽا تي صحيحيون ڪيون. اقتصادي معاملن واري وزارت جي سينئر جوائنٽ سيڪريٽري محين الدين سومرو ۽ جائيڪا پاڪستان جي چيف نمائندي يوسو ڪي شينوازاڪي گرانٽ معاهدي تي صحيحيون ڪيون. تقريب ۾ جاپاني سفارتخاني، جائيڪا ۽ اقتصادي معاملن واري وزارت جي اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي. جاپان جائيڪا ذريعي پاڪستان لاءِ اها گرانٽ فراهم ڪئي آهي جيڪا 2018ع ۾ ان پروگرام جي شروعات کان پوءِ جي ڊي ايس منصوبي جي نائين قسط آهي. هلندڙ سال ان گرانٽ تحت پاڪستان جي نوجوان وفاقي سول سروس ۽ اڳوڻن ڪيڊر آفيسرن لاءِ جاپان جي مشهور يونيورسٽين ۾ ماسٽرز پروگرام لاءِ 16 جڏهن ته پي ايڇ ڊي/ ڊاڪٽريٽ پروگرام لاءِ هڪ اسڪالرشپ فراهم ڪئي ويندي. 2018ع کان هن وقت تائين جي ڊي ايس اسڪالرشپ تحت 8 بيچز فائدو کڻي چڪيون آهن، جن ۾ هر بيچ ۾ اٽڪل 17 کان 18 شرڪت ڪندڙ شامل هئا. انهن قدمن جي نتيجي ۾ انهن نوجوان آفيسرن کي ڪم ڪرڻ جي سگهه ۽ پيشيواراڻين صلاحيتن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، جيڪي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه جاپان پاڪستاني حڪومتي آفيسرن کي مختلف ننڍي مدي واري تربيتي ڪورسز ۾ شرڪت لاءِ به باقاعدگي سان دعوت ڏني آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اقتصادي معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري محمد حمير ڪريم پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ ضروري سهولتون ۽ تعاون کي يقيني بڻائڻ تي جاپاني حڪومت ۽ عوام جو دل جي گهرائين سان ٿورو مڃيو. پاڪستان ۾ جاپان جي سفير ۽ جائيڪا جي چيف نمائندي يوسو ڪي شينوزاڪي پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن ۽ ٻه طرفه تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پاڪستان حڪومت سان ويجهي تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.












