عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان رهيو. بلومبرگ مطابق ڪاروباري سرگرمين دوران آمريڪي ڪچي تيل ڊبليو ٽي آءِ جا سيٽپمبر لاءِ سودا 1.50 ڊالر جي اضافي سان 83.63 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڊ جا آڪٽوبر لاءِ سودا 1.59 ڊالر جي اضافي سان 89.31 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ سون …

اسلام آباد- 11 آگسٽ (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافي جو رجحان رهيو. بلومبرگ مطابق ڪاروباري سرگرمين دوران آمريڪي ڪچي تيل ڊبليو ٽي آءِ جا سيٽپمبر لاءِ سودا 1.50 ڊالر جي اضافي سان 83.63 ڊالر في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڊ جا آڪٽوبر لاءِ سودا 1.59 ڊالر جي اضافي سان 89.31 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ سون ۽ جنسن جي قيمتن ۾ تيزي جڏهن ته چانڊيءَ ۾ گهٽتائي ٿي. سون جي قيمت 3.30 ڊالر اضافي سان 4423.00 ڊالر في اونس تائين پهچي ويو، جڏهن ته چانڊيءَ جي قيمت 0.60 ڊالر جي گهٽتائي سان 64.68 ڊالر في اونس تي اچي وئي. مڪئي جا ڊسمبر لاءِ سودا 0.25 ڊالر اضافي سان 462.00، جڏهن ته ڪڻڪ جا ڊسمبر لاءِ سودا 1.25 ڊالر اضافي سان 660.50 ڊالر في بشل ۾ طئي ٿيا.

مزید خبریں