ڏکڻ لبنان ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي قدمن جي حمايت لاءِ تيار آهيون: برطانيه

لنڊن- 11 آگسٽ (اي پي پي) برطانيه چيو آهي ته هو ڏکڻ لبنان ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ سيڪيورٽي کي هٿي ڏيڻ جي مقصد تي ٻڌل قدمن جي حمايت لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق برطانيا جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته برطانيه انهن قدمن جي حمايت لاءِ تيار آهي جيڪي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ خاص طورتي ڏکڻ لبنان ۾ ڊگهي مدي واري سيڪيورٽي کي مضبوط بنائڻ ۾ مددگار …

لنڊن- 11 آگسٽ (اي پي پي) برطانيه چيو آهي ته هو ڏکڻ لبنان ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ سيڪيورٽي کي هٿي ڏيڻ جي مقصد تي ٻڌل قدمن جي حمايت لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق برطانيا جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته برطانيه انهن قدمن جي حمايت لاءِ تيار آهي جيڪي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ خاص طورتي ڏکڻ لبنان ۾ ڊگهي مدي واري سيڪيورٽي کي مضبوط بنائڻ ۾ مددگار هجن.  هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته لبنان ۾ گڏيل قومن جي وقتي فورس جي امن فورسز کي اثرائتي انداز ۾ ڪم ڪرڻ ۽ پنهنجا اختيار ڪتب آڻڻ لاءِ با اختيار بڻائڻ ضروري آهي.  برطانوي موقف هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ڏکڻ لبنان ۾ سيڪيورٽي قدمن  جي مستقبل تي عالمي بحث ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. خاص طورتي سيٽمبر 2025ع ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ان فيصلي بعد جنهن ۾ سال جي پڄاڻي سان گڏ يو اين آءِ ايف آءِ ايل فورسز جي مشن کي مڪمل طورتي ختم ڪرڻ جو چيو ويو آهي ته لبناني فوج سرحدي علائقي ۾ مقرري ۽ ڪنٽرول جي ذميواري سنڀاليندي. عالمي ۽ علائقائي ڌر گڏيل قومن جي مشن جي خاتمي بعد لبنان  سيڪيورٽي خال پيدا ٿيڻ کان بچڻ لاءِ مختلف آپشنز تي غور ڪري رهيا آهن.  ان جي متوازي سرحدي علائقي تي رياستي حاڪميت قائم ڪرڻ ۾ لبناني فوج جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ جون ڪوششون جاري آهن.