رياض- 11 آگسٽ (اي پي پي) خادم الحرمين الشريفين پروگرام تحت آيل عمره پانڌيئڙن جو ٻيو گروپ مڪو شريف پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق عمره زائرين جو ٻيو گروپ گذريل ڏينهن مديني شريف کان عمري لاءِ مڪي شريف پهتو. شاهي مهمان مسجد نبوي جي زيارت ۽ روضي شريف ۾ نماز ادا ڪرڻ جو موقعو ملڻ ۽ مڪي شريف آمد تي خوشي جو اظهار ڪيو. هنن مديني شريف ۾ ڪيترن ئي …
شاهي مهماني ۾ عمره پانڌيئڙن جي ٻئي گروپ جي مڪي شريف آمد
رياض- 11 آگسٽ (اي پي پي) خادم الحرمين الشريفين پروگرام تحت آيل عمره پانڌيئڙن جو ٻيو گروپ مڪو شريف پهچي ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق عمره زائرين جو ٻيو گروپ گذريل ڏينهن مديني شريف کان عمري لاءِ مڪي شريف پهتو. شاهي مهمان مسجد نبوي جي زيارت ۽ روضي شريف ۾ نماز ادا ڪرڻ جو موقعو ملڻ ۽ مڪي شريف آمد تي خوشي جو اظهار ڪيو. هنن مديني شريف ۾ ڪيترن ئي اسلامي ۽ تاريخي ماڳن جو دورو ڪيو، جن ۾ احد جبل، ڪنگ فهد قرآن پرنٽنگ ڪمپليڪس، سيرت نبوي ۽ اسلامي تهذيب جو ميوزيم شامل آهي. شاهي مهمانن مذهبي ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ به شرڪت ڪئي، جنهن سان سندن روحاني تجربي ۽ علم ۾ اضافو ٿيو. هنن مديني شريف ۾ فراهم ڪيل خدمت ۽ سهولتن جي تعريف ڪئي. اسلامي معاملن واري وزارت شاهي مهمانن کي جامع خدمتون فراهم ڪيون، جنهن دوري کي آسان بڻايو ۽ آساني ۽ سڪون سان عبادتن جو موقعو فراهم ڪيو. واضع رهي ته ٻئي گروپ ۾ 23 ايشيائي ۽ يورپي ملڪن جا 250 ماڻهو شامل آهن.












