اوٽاوا- 10 آگسٽ (اي پي پي) ڪينيڊا جي برٽش ڪولمبيا صوبي جي ايئرپورٽ تي پورٽر ايرلائنز ۾ ٻار جي شرارتن سبب جهاز کي واپس موڙيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب پورٽر ايرلائنز جي ترجمان گذريل ڏينهن ٻڌايو ته اهو واقعو برٽش ڪولمبيا جي ايئرپورٽ تي پورٽر ايئرلائنز جي فلائٽ پي ڊي 444 ۾ پيش آيو، اها اڏام ٽورنٽو لاءِ روانو ٿيڻي هئي. فلائٽ پي ڊي 444 ۾ ان وقت هڪ عجيب صورتحال …
ڪينيڊا ۾ ٻار جي شرارتن سبب مسافر جهاز جي اڏام ملتوي

مزید خبریں
اوٽاوا- 10 آگسٽ (اي پي پي) ڪينيڊا جي برٽش ڪولمبيا صوبي جي ايئرپورٽ تي پورٽر ايرلائنز ۾ ٻار جي شرارتن سبب جهاز کي واپس موڙيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب پورٽر ايرلائنز جي ترجمان گذريل ڏينهن ٻڌايو ته اهو واقعو برٽش ڪولمبيا جي ايئرپورٽ تي پورٽر ايئرلائنز جي فلائٽ پي ڊي 444 ۾ پيش آيو، اها اڏام ٽورنٽو لاءِ روانو ٿيڻي هئي. فلائٽ پي ڊي 444 ۾ ان وقت هڪ عجيب صورتحال پيدا ٿي وئي جڏهن هڪ مسافر سان آيل ٻار شرارت ڪئي. ترجمان موجب ٻار سيٽ بيلٽ ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ سيٽ تي بيهي رهيو، ڪوشش باوجود به عملو ان کي بيلٽ ٻڌڻ ۽ هيٺ ويهارڻ تي راضي نه ڪري سگهيو، جيڪو غير محفوظ هو. هن چيو ته عملي کي به اهڙي هدايت هوندي آهي ته هو اهڙي ڪنهن به صورتحال ۾ عملي جي انچارج کي آگاهه ڪري. ان کان پوءِ ٻار جي والدين کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ٻار کي ويهارين پر هو به ڪوشش باوجود ائين نه ڪري سگهيا.ان کانپوءِ عملي جي انچارج صورتحال بابت ايئرلائنز جي اعليٰ عملدارن سان رابطو ڪيو جنهن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته جهاز کي اڏام نه ڀرڻ گهرجي. ان فيصلي بابت ڪيپٽن سميت ٻئي عملي کي آگاهه ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ اعلان ڪيو ويو ته جهاز کي واپس ٽرمينل طرف موڙيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته صورتحال محفوظ نه هئي. ان تي ڪجهه مسافرن نراضاگي جو اظهار به ڪيو ۽ جهاز کي موڙيو ويو ۽ اڏام ملتوي ڪئي وئي. ترجمان واقعي بابت متاثر ٿيل مسافرن کان معذرت طلب ڪئي ۽ چيو ته هاڻي هو سڀاڻي روانو ٿي سگهندا ڇو ته وڪٽوريا جي هوائي اڏي جو رن وي ساڍا 12 بجي بند ٿي ويندو آهي.










