سيڪيورٽي فورسز جي پنجگور جي علائقي سرڪيني، ڇيدگي ۾ ڪارروائي، فتنه الهندوستان جي اهم سربراهه سميت 5 دهشتگرد مارجي ويا

اسلام آباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان صوبي ۾ پنجگور جي علائقي سرڪيني، ڇيدگي ۾ فتنه الهندوستان جي دهشتگردن خلاف انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن دوران فتنه الهندوستان جي اهم سربراهه وزير پٽ جمال سميت 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعب مطابق سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن رد الفتنه 3 تحت بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف اثرائتيون ۽ ڪامياب ڪارروائيون جاري آهن. سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندوستان جي دهشتگردن خلاف …

اسلام آباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان صوبي ۾ پنجگور جي علائقي سرڪيني، ڇيدگي ۾ فتنه الهندوستان جي دهشتگردن خلاف انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن دوران فتنه الهندوستان جي اهم سربراهه وزير پٽ جمال سميت 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعب مطابق سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن رد الفتنه 3 تحت بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف اثرائتيون ۽ ڪامياب ڪارروائيون جاري آهن. سيڪيورٽي فورسز فتنه الهندوستان جي دهشتگردن خلاف پنجگور جي علائقي سرڪيني، ڇيدگي ۾ انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن ڪيو، ڪامياب ڪارروائي دوران فتنه الهندوستان جي اهم سربراهه وزير پٽ جمال سميت 5 دهشتگرد جهنم ڀيڙو ٿيا. آپريشن دوران دهشتگردن جي قبضي مان 4 موٽرسائيڪلون، مشين گنز ۽ وڏا هٿيار ۽ گوله بارود هٿ ڪيو ويو. سيڪيورٽي فورسز پنجگور جي علائقي سرڪيني، ڇيدگي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن ڪيو. مارجي ويل دهشتگرد پنجگور ۾ مقامي واپارين ۽ ٻين شهرين کان ڦر لٽ، ڀتو وٺڻ، اغوا ۽ دهشتگردي جي ٻين ڪارروائين ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ فتنه الهندوستان جي امڪاني دهشتگردن جي مڪمل خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. سيڪيورٽي ذريعن چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان مان فتنه الهندوستان جي دهشتگردن جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن.