لنڊن- 10 آگسٽ (اي پي پي) برطانيا جي وزيراعظم اينڊي برنهم مهانگائي ۽ خرچن جي دٻاءَ کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش تحت گمراهه ڪندڙ رعايتن ۽ غير ضروري سبسڪرپشنز خلاف نون قدمن جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب برطانوي حڪومت پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب منصوبي تحت ريٽيلرز کي شين جا اگهه مصنوعي طور وڌائڻ کانپوءِ وڏي رعايت ظاهر ڪرڻ جهڙن طريقن کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. حڪومت …
برطانيا ۾ گمراهه ڪندڙ ڊسڪائونٽس ۽ سبسڪرپشن فراڊ خلاف قدمن جو اعلان

مزید خبریں
لنڊن- 10 آگسٽ (اي پي پي) برطانيا جي وزيراعظم اينڊي برنهم مهانگائي ۽ خرچن جي دٻاءَ کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش تحت گمراهه ڪندڙ رعايتن ۽ غير ضروري سبسڪرپشنز خلاف نون قدمن جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب برطانوي حڪومت پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب منصوبي تحت ريٽيلرز کي شين جا اگهه مصنوعي طور وڌائڻ کانپوءِ وڏي رعايت ظاهر ڪرڻ جهڙن طريقن کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. حڪومت هلندڙ موسم ۾ ڳالهين جي شروعات ڪندي ته جئين اهو جائزو وٺي سگهجي ته صارفين جي تحفظ بابت موجوده قانون تحت اهڙن طريقن تي واضح طور تي پابندي لاڳو ڪرڻ گهرجي يا نه. نوان سبسڪرپشن قانون جنوري 2027ع ۾ لاڳو ٿيندا، جنهن تحت ڪاروباري ادارن کي صارفين کي وڌيڪ واضح ڄاڻ فراهم ڪرڻ، سبسڪرپشن جي تجديد کان اڳ خاطري ڪرائڻ ۽ ان کي رد ڪرڻ جو آسان طريقو فراهم ڪرڻو پوندو. ڪجهه معاهدن جي تجديد کانپوءِ صارفين کي 14 ڏينهن ڪولنگ آف مدو به ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته اهي قدم حڪومت پاران متعارف ڪرائڻ واري اهڙي سلسلي جي پهرين ڪَڙي آهن، جن جو مقصد روزانو خرچ جي بار کي گهٽ ڪري گهريلو مالي دٻاءَ ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي. هن چيو ته اسان جعلي سودي بازي جو خاتمو ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن ڪنهن شئي کي اڌ قيمت تي وڪرو ڪرڻ طور پيش ڪيو وڃي ته اها واقعي اڌ قيمت هجڻ گهرجي، اسان سبسڪرپشن ۾ شامل ٿيڻ ان کي ختم ڪرڻ به ايترو ئي آسان بڻائي رهيا آهيون.










