ڪراچي- 10 آگسٽ (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورنگي ۾ سينٽر فار آٽزم ري هيبليٽيشن اينڊ ٽريننگ (سي – آرٽس) ۾ پاڪستان جي پهرين خصوصي آٽزم رهائشي مرڪز ۽ پاڪستان جي پهرين جامع پارڪ جو افتتاح ڪيو. اهو قدم آٽزم جو شڪار ماڻهن جي لاءِ مدد ۽ سهولتن جي نظام کي وڌيڪ …
آصفه ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ڪورنگي ۾ پاڪستان جي پهرين خصوصي آٽزم رهائشي مرڪز ۽ پاڪستان جي پهرين جامع پارڪ جو افتتاح

مزید خبریں
ڪراچي- 10 آگسٽ (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورنگي ۾ سينٽر فار آٽزم ري هيبليٽيشن اينڊ ٽريننگ (سي – آرٽس) ۾ پاڪستان جي پهرين خصوصي آٽزم رهائشي مرڪز ۽ پاڪستان جي پهرين جامع پارڪ جو افتتاح ڪيو. اهو قدم آٽزم جو شڪار ماڻهن جي لاءِ مدد ۽ سهولتن جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب 2018ع ۾ قائم ٿيندڙ سي – آرٽس پاڪستان جو پهريون اهڙو آٽزم مرڪز آهي جتي آٽزم جو شڪار ٻارن جي لاءِ تشخيص، بحالي، تعليم، هنرمندي جي تربيت ۽ روزگارج ي لاءِ مدد هڪ ئي ڇت هيٺ فراهم ڪئي وڃي ٿي. سي – آرٽس جا ڪراچي ۾ چار مرڪز جڏهن ته حيدرآباد، گمبٽ، سکر، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير آباد ۾ به مرڪز قائم آهن جتي مفت سهولتون، ٽرانسپورٽ ۽ وظيفا ڏنا وڃن ٿا. مرڪز ۾ والدين جي تربيت جي پروگرامز سان گڏوگڏ هڪ پيشيواراڻي تربيتي مرڪز پڻ قائم آهي. بريفنگ دوران خاتون اول کي ٻڌايو ويو ته نئين افتتاح ڪيل رهائشي مرڪز ۾ جامع نگهداشت، عارضي آرام جي سهولتن، بحالي، تربيت ۽ ڊگهي مدي واري معاونت هڪ محفوظ ۽ جامع ماحول ۾ فراهم ڪئي ويندي. خاتون اول کي سي – آرٽس جي خدمتن کي ڊيجيٽل بڻائڻ جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. ڊيجيٽلائيزيشن جي عمل جي پهرين مرحلي تحت سي – آرٽس رجسٽريشن پورٽل فعال ڪيو ويو آهي جنهن جو مقصد ڪاغذي نظام کان پاڪ طريقيڪار طرف اڳڀرائي ڪرڻ ۽ هر ٻار جو هڪ واحد ڊيجيٽل رڪارڊ برقرار رکڻ آهي. خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ، جامع تعليم جي دائري کي سگهه ڏيڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هر ٻار کي موقعن، عزت نفس ۽ ضروري معاونت تائين پهچ حاصل هجي.










