سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر پاران پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ ٿيل تاريخي گڏيل دفاعي معاهدي جي آجيان

ڪراچي- 10 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ ٿيل تاريخي گڏيل دفاعي معاهدي جي آجيان ڪئي آهي. سنڌ اسيمبلي جي عمارت کي تاريخي گڏيل دفاعي معاهدي جي موقعي تي خاص طور تي سينگاريو ۽ روشن ڪيو ويو، جڏهن ته ٽنهي ڀائر ملڪن جا جهنڊا پڻ عمارت تي لڳايا ويا. سيد اويس قادر شاهه چيو ته گڏيل دفاعي …

ڪراچي- 10 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ ٿيل تاريخي گڏيل دفاعي معاهدي جي آجيان ڪئي آهي. سنڌ اسيمبلي جي عمارت کي تاريخي گڏيل دفاعي معاهدي جي موقعي تي خاص طور تي سينگاريو ۽ روشن ڪيو ويو، جڏهن ته ٽنهي ڀائر ملڪن جا جهنڊا پڻ عمارت تي لڳايا ويا. سيد اويس قادر شاهه چيو ته گڏيل دفاعي معاهدو ٽنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل دفاع، امن ۽ سلامتي لاءِ عزم جو اظهار آهي. هن چيو ته اهو معاهدو ٽنهي ملڪن جي محفوظ، مستحڪم ۽ خوشحال مستقبل ڏانهن هڪ اهم قدم آهي. تاريخي گڏيل دفاعي معاهدي جي موقعي تي سنڌ اسيمبلي جي عمارت تي خاص لائٽنگ پڻ ڪئي وئي.