اسلام آباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل رات ڪانگو جي صدر فيلڪس آنتوان تشيسڪيدي تشيلومبو ۽ گني بسائو جي اڳوڻي صدر جنرل عمرو سيسوڪو ايمبالو سان گڏيل طور تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير انهن کي پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تازو ئي طئي ٿيندڙ مڪه …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪانگو جي صدر ۽ گني بسائو جي اڳوڻي صدر سان گڏيل ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل رات ڪانگو جي صدر فيلڪس آنتوان تشيسڪيدي تشيلومبو ۽ گني بسائو جي اڳوڻي صدر جنرل عمرو سيسوڪو ايمبالو سان گڏيل طور تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير انهن کي پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تازو ئي طئي ٿيندڙ مڪه گڏيل دفاعي معاهدي جي مقصدن ۽ ان جي اهميت کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته اهو معاهدو اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ۽ صدر تشيسڪيدي پاڪستان ۽ جمهوريه ڪانگو جي گڏيل لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اعلى سطحي رابطن سميت ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير صدر تشيسڪيدي ۽ عوامي جمهوريه ڪانگو جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.










