وزيراعظم پاران جولاءِ 2026ع ۾ سمنڊ پار پاڪستانين پاران 3.6 ارب ڊالر جو پرڏيهي ناڻو موڪلڻ تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جولاءِ 2026ع ۾ سمنڊ پار پاڪستانين پاران 3.6 ارب ڊالر جو پرڏيهي ناڻو موڪلڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين طرفان سالياني بنيادن تي 13 سيڪڙو اضافي پرڏيهي ناڻو موصول ٿيو، جيڪا تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته جولاءِ …

اسلام آباد- 10 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جولاءِ 2026ع ۾ سمنڊ پار پاڪستانين پاران 3.6 ارب ڊالر جو پرڏيهي ناڻو موڪلڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين طرفان سالياني بنيادن تي 13 سيڪڙو اضافي پرڏيهي ناڻو موصول ٿيو، جيڪا تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته جولاءِ 2026ع ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کان پرڏيهي ناڻي ۾ ماهوار بنيادن تي به 4.5 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي ۾ مسلسل مثبت ڪردار کي تحسين لائق قرار ڏيندي چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جي قومي معاشي ڌارا جو هڪ قيمتي حصو آهن.