غزه- 10 آگسٽ (اي پي پي) اسرائيل غزه سان تعلق رکندڙ 37 فلسطيني قيدي آزاد ڪري ڇڏيا. فلسطيني جي اطلاعات واري مرڪز موجب اسرائيلي اختيارين آچر جي شام غزه سان تعلق رکندڙ 37 قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو، جن ۾ هڪ عورت به شامل آهي. ريڊ ڪراس جي عالمي ڪميٽي آزاد ٿيل قيدين کي ڪريم بوسالم راهداري رستي ناصر اسپتال منتقل ڪيو. اهو عمل ڪميٽي پاران سهولت فراهم ڪرڻ ۽ …
اسرائيلي جيلن مان 37 فلسطيني قيدي آزاد

مزید خبریں
غزه- 10 آگسٽ (اي پي پي) اسرائيل غزه سان تعلق رکندڙ 37 فلسطيني قيدي آزاد ڪري ڇڏيا. فلسطيني جي اطلاعات واري مرڪز موجب اسرائيلي اختيارين آچر جي شام غزه سان تعلق رکندڙ 37 قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو، جن ۾ هڪ عورت به شامل آهي. ريڊ ڪراس جي عالمي ڪميٽي آزاد ٿيل قيدين کي ڪريم بوسالم راهداري رستي ناصر اسپتال منتقل ڪيو. اهو عمل ڪميٽي پاران سهولت فراهم ڪرڻ ۽ منظم ڪرڻ کانپوءِ انجام تي پهتو. ڪميٽي واضح ڪيو ته هن 2023ع کان هاڻي تائين ان طريقي سان اڍائي هزار کان وڌيڪ آزاد ٿيل قيدين جي منتقلي ۾ سهولت فراهم ڪئي آهي. ڪميٽي چيو ته ان کي آڪٽوبر 2023ع کان اسرائيلي حراستي مرڪزن اندر موجود قيدين تائين پهچ کان محروم رکيو ويو آهي. ڪميٽي اسرائيلي اڳواڻن کان مطالبو ڪيو ته کيس انهن سمورن قيدين جي انجام ۽ انهن جي ٺڪاڻن بابت آگاهه ڪيو وڃي، انهن جي ٽيمن کي ساڻن ملاقات ڪرڻ ۽ حالتن جو جائزو وٺڻ جي اجازت ڏني وڃي. ڪميٽي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي انساني قانون ان ڳالهه جو تقاضا ڪن ٿا ته قيدين سان انساني سلوڪ ڪيو وڃي، ان لاءِ مناسب حراستي حالتون فراهم ڪيون وڃن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته هو پنهنجي خاندان سان رابطو ڪري سگهن، جيڪي سندن صحت ۽ سلامتي بابت شديد ڳڻتي جي حالت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن.










