دمشق- 10 آگسٽ (اي پي پي) شام ۽ روس مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن، جن ۾ جنهن ۾ شام جي اولهه سامونڊي علائقي ۾ واقع ٻن روسي فوجي اڏن خمي ميم ۽ طرطوس جي مستقبل جي انتظام بابت معاملا طئي ڪيا ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق گذريل ڏينهن شام جي وقتي حڪومت جي پرڏيهي وزارت ٻڌايو ته مفاهمتي يادداشت تحت ٻئي ڌريون شام جي سامونڊي علائقي ۾ موجود روسي …
شام ۽ روس وچ ۾ ٻن روسي فوجي اڏن بابت مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون

مزید خبریں
دمشق- 10 آگسٽ (اي پي پي) شام ۽ روس مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن، جن ۾ جنهن ۾ شام جي اولهه سامونڊي علائقي ۾ واقع ٻن روسي فوجي اڏن خمي ميم ۽ طرطوس جي مستقبل جي انتظام بابت معاملا طئي ڪيا ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق گذريل ڏينهن شام جي وقتي حڪومت جي پرڏيهي وزارت ٻڌايو ته مفاهمتي يادداشت تحت ٻئي ڌريون شام جي سامونڊي علائقي ۾ موجود روسي فوجي ٺڪاڻن کي ايڊجسٽ ۽ اپ گريڊ ڪنديون. فوجي نوعيت جي سهولت کي مستقبل ۾ گڏيل تربيتي ۽ مشقن جي مرڪز ۾ تبديل ڪيو ويندو، جڏهن ته شهري نوعيت جي ٺڪاڻن جو انتظام شام جي وقتي حڪومت سنڀاليندي. ان ۾ خاص طور خمي ميم هوائي اڏو ۽ طرطوس بندرگاهه شامل آهن. اطلاعن مطابق لاڳاپيل انتظامي تبديليون 3 مهينن اندر مڪمل ڪيون وينديون. شام جي وقتي حڪومت جي پرڏيهي وزارت مطابق اهي مفاهمتي يادداشتون ڌرين وچ ۾ ڏيڍ سال تائين جاري رهندڙ ڳالهين ۽ مشورن کانپوءِ طئي ٿيون آهن.











